Top Ad unit 728 × 90

حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه (ثاني) ”ڇٽ ڌڻي“ قدس سرہ ستون پير پاڳاره

          سندن ولادت باسعادت 27 صفر سن 1347ه مطابق 22 نومبر 1928ع  ۾ ٿي. سندن اصل اسم شريف سيد شاه مردان شاه آهي پر سيد سڪندر علي شاه سان به مشهور آهن. ننڍپڻ کان جواني تائين سندن ذات کي ڪافي ڏک ۽ درد مليا. اڃان ٻن اڍائي سالن جا مس هئا ته پير سائين سورهيه سردار جو  ڇهن سالن جو وڏو وڇوڙو مليو. وري اڃان پنج سال به ڪونه گذريا ته ٻيهر والد صاحب کان جدائي ٿي ۽ پوءِ ٻن سالن کان پوءِ يعني 1943ع تي پاڻ جڏهن پندرهن سالن جا ٿيا ته پير سائين سورهيه سردارقدس سرھٗ شهيد ٿيا ۽ پوءِ ڪجھ وقت ڪراچي ۾ نظربند رهڻ کان پوءِ کين پنهنجي برادر حضرت سيد نادر علي شاه (عليہ الرحمة) سان گڏ تعليم ڏيارڻ جي بهاني پنهنجي ڪٽنب، درگاه ۽ جماعت کان پري هندستان موڪليو ويو. اتي 3 سال رهڻ بعد 1946ع ۾ هڪ سامونڊي جهاز وسيلي کين انگلينڊ ۾ رکيو ويو جتي هڪ ٻهراڙيءَ جي اسڪول ۾ پڙهيا. هي هڪ عام اسڪول نه هو پر هت رڳو اهڙن ٻارن کي هڪ خاص مشن تحت پڙهايو پئي ويو، جيڪي انگريز مخالف انقلابي اڳواڻن جي اولاد هئا. هتي کين ڪهڙين حالتن سان منهن ڏيڻو پيو. اهو ته حضرت پير سائين سردار﷥ جن ئي ڄاتو پئي. پر پاڻ ايترو ضرور اظهار فرمايو هئائون ته اتي فقط 12-13 شاگرد مختلف ملڪن جا هوندا هئا پر انهن کي پنهنجي خاندان متعلق پاڻ ۾ به ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتان جي اسلامي ۽ مقامي حڪومت کي پاڪستان لاءِ قرباني ڏيندڙ ياد نه آيا ۽ پوءِ 1952ع تائين درگاه شريف آباد نه ٿي ۽ پير سائين ٻاهر رهيا. اهي ئي جماعت تي جيل ۽ لوڙها هنن مسلمانن جائز رکيا.          2 فيبروري 1952ع تي جڏهن پاڻ پنهنجي مرشد چناه وارن بزرگن (عليہم الرحمة) ۽ حضرت مفتي محمد قاسم مشوري صاحب (عليہ الرحمة)، استاد محمد صالح مهر (عليہ الرحمة) جهڙن بزرگن جي ڪوششن ۽ جماعت جي دعائن کان بعد خير سان آيا ۽ جڏهن درگاه شريف تي 9 سالن کان پوءِ وري آبادي ٿي ته پاڻ هت اچڻ شرط سڀ کان پهريان پنهنجي وڏن جي ديني درسگاه کي ”جامعہ راشديہ“ جي نالي سان ٻيهر جاري ڪيو ۽ وقت جي جيد عالم سڳورن کي پنهنجي درگاه ۾ درس ڏيڻ لاءِ متعين ڪيو جن ۾ مفتي اعظم پاڪستان سائين مفتي محمد صاحبداد شيخ الجامعه، اعلى حضرت امام احمد رضا خان جو ڏوهٽو، جناب مفتي تقدس علي خان صاحب، حضرت علامه مفتي حسين امام اختر صوابي وارو رحمة الله عليهم سرفهرست آهن. نه فقط جامعه پر خود پنهنجي ديني تعليم جيڪا هت اڌ ۾ رهيل هئي. ان جي تڪميل لاءِ استاد مفتي تقدس علي خان صاحب عليه الرحمة وٽ گھڻو عرصو پڙهيا. هونءَ ته علم دوستي ۽ ان جي قدرداني ۾ حضرت پير سائين شاه مردان شاه قدس سرھٗ پنهنجو ثاني نه رکندا هئا. علم جي جيڪا وٽن عزت ۽ مان آهي ان جو احساس ۽ اندازو ته انهن کي هوندو جن سندن قرب ۽ مهر جو مشاهدو ڪيو هوندو.حضرت پيرسائين شاه مردان شاه قدس سرھٗ صلح ۽ امن جي علمبردار هئڻ باوجود ملڪي آزاديءَ جي بقا خاطر 1965ع ۾ ڀارت جي پاڪستان تي حملي وقت وڏي همت ۽ حوصلي سان پنهنجي مريدن ۽ عقيدتمندن کي سنڌجي سرحدن کي سنڀالڻ جو حڪم ڏنائون. جنهن تي انهن مجاهدن نه فقط سنڌ جي سرحدن کي مضبوط ڪيو پر راجستان جي 16000 سورهن هزار چؤرس ڪلوميٽر جي وڏي وسيع علائقي تي قبضو ڪيو.1950ع واري ڏهاڪي دؤران پاڻ سياست جي ميدان ۾ قدم رکيائون. پاڻ سڀني منفي پاسن کي ڇڏي صاف سٿري مثبت سياست ڪيائون. پاڻ ٻين وانگر نعريبازي، هل هنگامي واري سياست ڪونه ڪيائون.  جنهنڪري پاڪستان ۾عزت ۽ مقام ۾ سندن ڪو ثاني نه رهيو. سياستدا، پوءِ اهو چاجي ڪهڙي به سوچ جو ملاڪ هجي پيرائين جن وٽ اچي پنهنجي عزت ۽ تحفظ حاصل ڪندو هو. پوءِ ڀلي پاڻ ان کي صاف صاف چئي ڏين هو ڪڏهن به پنهنجي بي عزتي نه بلڪه عزت افزائي سمجھندو هو. سدن دؤر ڪيترائي مشڪل مرحله آيا پر پنهنجي صبر ۽ استقامت حوصلي برداباري سان سڀني حالات ۾ ڪامياب ٿي آيا. پنهنجي آخري 83هين سالگره لهائيندي خوشين ۽ ٽهڪن سان ڪاميابي ۽ ڪامراني جو تاج پائي اسنا کان هميشه لاءِ موڪلائي ويا. حياتي تائين سندن يادون جيءُ جهورينديون رهنديون. سندن وصال 10 جنوري 2012ع تي لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾پاڪستان وقت مطابق 11 لڳي 30 منٽن تي ٿيو.



حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه (ثاني) ”ڇٽ ڌڻي“ قدس سرہ ستون پير پاڳاره Reviewed by سکندری on 8:08 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.