Top Ad unit 728 × 90

پير سائين سورهيه ڌڻي سردار

پير سائين سورهيه ڌڻي سردار

حضرت پير سائين سورهيه ڌڻي سردار (قدس سرہ)
ولادت: 1328ه-1909ع
حضرت سيد صبغت الله شاه سورهيه سردار (رحمة الله عليہ) 13 صفر 1327هجري مطابق 2 مارچ 1909عيسوي تي تولد ٿيا.
تعليم و تربيت:
حضرت پير سائين سورهيه سردار کي ننڍپڻ کان جيڪا تعليم ۽ تربيت ملي، اها جيتوڻيڪ صرف 12 سالن جي عمر تائين قائم رهي سگھي جو 1921ع ۾ حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي قدس سرھٗ جي وصال مبارڪ کان پوءِ ننڍڙي عمر ۾ کين روحاني رهبر، پير پاڳاري جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻيون پيون، پر اها تعليم ۽ تربيت هڪ خالص ديني ۽ روحاني هئي. حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي قدس سرھٗ درگاه مبارڪ تي هڪ نئين مدرسي جو بنياد وڌو هو, جنهن ۾ وقت جا ناميارا جيد عالم ۽ جليل القدر مفتي مدرس رکيائون. حضرت پير سائين جن به ستن سالن تائين  ابتدائي ۽ بنيادي ديني تعليم اتي حاصل ڪري ورتائون. ان سان گڏوگڏ درگاه مبارڪ جي معمول موجب ظهر يا عصر کان پوءِ باقاعدہ  مثنوي شريف جو درس ملندو هو، جنهن ۾ پير سائين ڪوٽ وارا پاڻ روحانيت ۽ تصوف جو اثر انگيز بيان فرمائيندا هئا. پير سائين سورهيه بادشاه به باقاعدہ انهن درسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اهڙي ديني، روحاني تعليم سان گڏ عبادتن ۽ رياضتن ۾ به پنهنجي والد جي صحبت جي متابعت ڪندا هئا. پنج وقت نماز سان گڏ ننڍپڻ کان ئي وڏي اسُر جو اٿي تهجد ۽ ذڪر ڪندا هئا. يقينًا شب خيزيءَ جو اهو معمول سندن ايترو ته پڪو هو جو جلوت ۽ خلوت ۾، سفر يا حضر ۾، امن يا جنگ ۾ ڪڏهن به ان ۾ فرق نه آيو. ننڍپڻ ۾ هڪ جيڏن شهر جي نينگرن سان رانديون به ڏاڍيون ڪيائون. زورآوري ۾ ڪير به سندن مقابلو نه ڪري سگھندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کان وڏي عمر وارن کي به ملهه ۾ دسي وجھندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ کان ٻه سال وڏي عمر واري ڇوڪري والي ڏني جيڪو ملهه ۾ سڀني کان زور هو، تنهن کي دسي وڌائون پر ٻي ملهه ۾ هو حاوي ٿي ويو. کين گوڏي ۾ ڌڪ لڳو ۽ کل به لهي وئي پر ان جو اظهار ڪنهن سان به نه ڪيائون ۽ وري تياري ڪري ان واليڏني کي ٻئي ملهون سٺيون هنيائون.
انصاف وارا اهڙا هئا جو ڊَڍِيءَ راند ۾ جڏهن کين ٻين ڇوڪرن کي کڻڻ جو وارو آيو ۽ ڇوڪرن کين کڻڻ نه ڏنو ته انهن سان وڙهي پيا ۽ پوءِ جڏهن سڀني کي مقرر جاءِ تي کڻي آيا پوءِ وڃي راضي ٿيا.
پير پاڳاري جي حيثيت ۾:
پير سائين سورهيه سردار جي عمر شريف اڃان ٻارنهن سالن جي مس ٿي ته مٿن وڏي ذميواري عائد ٿي وئي. ايتري وڏي روحاني سلسلي جا اڳواڻ ۽ پيشوا بڻيا، جنهن جو مثال برِصغير ۾ ٻئي هنڌ نه ٿو ملي. حضرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سرھٗ شريعت ۽ طريقت جو هڪ اهڙو سلسلو قائم ڪيو هو جنهن صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو. نماز، روزو، ذڪر اذڪار، عادات، اخلاق، محبت ۽ عشقِ رسول، سيرت ۽ صورت، رضاءِ الاهي، جهاد في سبيل الله جو حسين نمونو ان پنهنجي جامعيت سان ٻئي هنڌ ورلي ملي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين، لکين مرد عورتون، ننڍا وڏا دينِ اسلام جي حقيقي روح سان معمور ۽ مضبوط عقيدي جا پهاڙ بنجي پيا. جيڪي ملڪ ۽ ملت جي شان ۽ سربلندي خاطر بغير ڪنهن لالچ، لوڀ جي جان مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ مرشد جي هڪ اشاري جا منتظر هوندا هئا ۽ اهو سلسلو پير سائين سورهيه سردار جي وقت ۾ اڃان به وڌيڪ عروج تي هو جو ملڪ مسلمانن جي مٿان غاصب نصارو زبردستي قابض هو، جيڪو هن گاديءَ کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي بزدلانه چالون کيڏيو هو.
انگريز نصاري جي اها فطري پاليسي رهي آهي ته هو ڪنهن به ٻي طاقت کي پنهنجي اڳيان سهي نه سگھندو آهي. پوءِ اها ڪهڙي به بنياد تي هجي. دنياداري جي حساب سان اميري، سرداري، راجا ۽ مهاراجا هئڻ هجي يا خالص مذهبي، ديني ۽ روحاني سلسلو هجي، هيءُ نابڪاري ڪميڻو الائي ڇو ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگھيو آهي ۽ سدائين ان لاءِ فريب ۽ مڪاري جا ڄار وڇائي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي ٽنگ اڙائيندو آيو آهي. درگاه شريف تي به پير سائين بنگلي ڌڻيءَ قدس سرھٗ کان وٺي هن اها ئي ناڪام چال چلائي جو هر بادشاه جي سجادہ نشيني وقت پنهنجي رضا ۽ اجازت ۽ خواهش کي هروڀرو ٿاڦڻ جي حرڪت ڪئي آهي. پوءِ ان ۾ ڪامياب نه ويو آهي ته پوءِ شيطان وانگر هر طرف کان اچي نقصان ڏيڻ جا حربا استعمال ڪندو آيو آهي. جيئن ته انگريز پنهنجي ان مڪر ۽ چالبازين تحت حضرت سورهيه بادشاه تي اغوا، قتل ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ 1930ع تي سکر ۾ ڪيس هلائي، وڏي تڪڙ ۾ اٺن سالن لاءِ هندستان جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪيو.
پير سائين جن 1932ع تائين هندستان جي مختلف جيلن ۾ رهيا، جهڙوڪ رتناگري، مدناپور، علي پور وغيرہ. هتي به پير سائين جن نماز، روزي، ذڪر اذڪار سان گڏ ملفوظات شريف ۽ مثنوي شريف جو گھرو مطالعو ڪيو ۽ ڪافي ڪتاب به لکيائون جيڪي انگريز سرڪار ضبط ڪري ڇڏيا. فقط هڪ ڪتاب ”تنبية الفقراء“ نالي ڪنهن طرح سان بچي ويو.
آخر جڏهن پاڻ آزاد ٿيا ته وڏي ٺاٺ ۽ شاهي تجمل سان ڪلڪتي کان اسپيشل گاڏا بڪ ڪرائي سمہ سٽہ  آيا ۽ اتان وڏي تعداد ۾ خدا جي مخلوق کي زيارتون ڪرائيندا هڪ خاص ٽرين ذريعي لقمان آيا ۽ پوءِ اتان کان درگاه شريف تائين 12 ڪلو ميٽر رستي تي ٻنهي طرفن کان جماعت جي وڏي هجوم ۾ پاڻ درگاه شريف تي تشريف فرما ٿيا. اهو رمضان جو مهينو هو. ستاويهين 27 تاريخ جمعي جو ڏينهن هو. پاڻ ان وقت روزي سان هئا. جمعي جو خطبو ۽ نماز پاڻ اچي مسجد شريف ۾ پڙهايائون. رمضان شريف جي عيد کان پوءِ پاڻ حج جي لاءِ سانباها ڪيائون ۽ اهڙي طرح پاڻ بحري جهاز ذريعي حج تي ويا. حج کان واپس اچي پير سائين جن جماعت کي منظم ڪرڻ، انهن جي اصلاح ڪرڻ، ذڪر اذڪار، نماز، روزي جي تلقين لاءِ وڏو سفر ڪيائون. گھڻي عرصي کان پوءِ جماعت جي اصلاح ۽ تربيت جو کين موقعو مليو. پاڻ مسلسل 9 مهينا هن سفر ۾ هئا. خيرپور کان مارواڙ ۽ جيسلمير کان ٿي سانگھڙ آيا ۽ اتان وري لاڙ ويا. پوءِ وري کپري کان اچي سانگھڙ پهتا. اتان کان ٿي پوءِ درگاه شريف تي آيا. هن سفر ۾ پير سائينءَ جن وڏا انقلابي ۽ اصلاحي ڪم ڪيا.
          جماعت کي هر قسم جي نشي تي سخت پاپندي هنيائون. ايتريقدر جو پير سائين جن چانهه کي نه نشي جي زمري ۾ ئي رکيو. عثمان فقير لغاري ميتلن واري اهڙي روايت مون (راقم الحروف) سان ڪئي هئي. ولايتي ڪپڙن جي منع ڪيائون. نماز ۽ ذڪر تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنائون. ويٺل عورتن کي پرڻائڻ ۽ عاج جي چوڙن لاهڻ جو حڪم ڪيائون. نه صرف ايترو پر انهن احڪامن جي بجا آوري ۽ عمل درآمد لاءِ سندن هڪ خاص نظام هوندو هو جنهن تحت ڪنهن به ڪوتاهي ڪندڙ جي فوري طور خبر پئجي ويندي هئي ۽ واجبي سرزش به ان جي ڪئي ويندي هئي.
          پير سائين جن جي پنهنجي روحاني ۽ شرعي سلسلي جو انگريز کي پنهنجي خلاف سازش ۽ بغاوت جو اچي خطرو ويٺو ۽ هو ٽٻڻي وانگر ڀرجي ويو. آخر نوڙيءَ مان نانگ ۽ تيليءَ کي ٿنڀ ڪري هنن ڪيس ٺاهيا. آگسٽ 1941ع تي انهن مفروضن تحت بغير ڪنهن ثابتي يا واضع دليل جي کين ڪراچيءَ ۾ گھرائي نظربند ڪيو ويو ۽ لکت ۾ ڪابه ڳالهه نه ڏني وئي. جنهن ڪري پير سائين جن اتان واپس جڏهن درگاه شريف تي آيا پئي ته رستي تي لڪي ويٺل پوليس کين گرفتار ڪري ڪراچي آندو ۽ اتان 4 آڪٽوبر 1941ع تي کين هندستان ۾ ناگپور جي علائقي ۾ جيل رکيو. ٻئي پاسي جون 1942ع ۾ ٻي حر مارشل لاء لڳائي هر طرح جي ظلم ۽ بربريت جي باه ٻاري.
1941ع ۾ سندن گڙنگ واري بنگلي کي بمباري سان مسمار ڪيو ويو. وري 2 سيپٽمبر 1942ع تي درگاه شريف جي ڪوٽ ۽ بنگلي کي مسمار ڪري سڄي ملڪيت سون، چاندي ۽ قيمتي سامان، نوادرات ۽ ناياب هزارين ڪتاب لٽيا ويا. صاحبزادن کي اهل و عيال سميت ڪراچيءَ ۾ نظربند رکيو ويو ۽ پوءِ جنوري 1943ع تي هڪ جڙتو ڪيس هلائي 20 مارچ 1943ع تي وقت جي ڪامل ولي ۽ عالمِ اسلام جي عظيم هستي، لکين حرن جي روحاني پيشوا کي شهيد ڪري آخري آرامگاه کان سندن مٿان سر گھوريندڙن کي هميشه لاءِ اوسيئڙي ۾ رکيو.

پير سائين سورهيه ڌڻي سردار Reviewed by سکندری on 8:07 PM Rating: 5

2 comments:

  1. no doubt ! they r our great, respectable ancestor n our pride forever!!!! syed nasir shah rashdi 0300 3005926

    ReplyDelete
  2. no doubt ! they r our great, respectable ancestor n our pride forever!!!! syed nasir shah rashdi 0300 3005926

    ReplyDelete

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.