Top Ad unit 728 × 90

اڄ جون خبرون

اڄ جون خبرون 27-09-2012

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگري جي صدر سيد علي حيدر شاهه راشدي چيو آهي ته سنڌ جي عوام ۽ فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري آرڊيننس کي رد ڪندي 13 سيپٽمبر تي پنهنجو چٽو موقف ڏئي ڇڏيو هو حرجماعت ۽ قومپرست پارٽين احتجاجي ريليون ڪڍي ۽ ڌرڻا هڻي ڄاڻايل نظام کي رد ڪري حڪومت جي منهن تي چماٽ هڻي ڇڏي آهي هن چيو ته پيرپاڳارو سنڌ جي سلامتيءَ جي ضمانت آهي ۽ سورهيه بادشاهه جي اولاد پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪو به اهڙو ڪڌو عمل ڪرڻ نه ڏيندي جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين جي دل آزاري ٿي اهڙيون ڳالهيون هن پيرجوڳوٺ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ يوٿ ونگ طرفان صفائي جي ملهايل هفتي دوران شهر جي مختلف محلن جو جائزو وٺڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته برسات سبب ٿيل نقصانن بابت تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون ۽ انهيءَ سان گڏ انتظاميه جي ٻه اکيائي ۽ نااهلي بابت تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن جنهن جي سلسلي برسات متاثرن جو آواز ايوانن م بلند ڪيو ويندي، هن صفائي جي ڏينهن ملهائڻ واري سلسلي ۾ تعلقي ڪنگري جي عوام کي اهو پيغام پڻ ڏنو ته هو پاڻ ۾ پيار محبت ايڪي ۽ ٻڌيءَ سان رهي پنهنجي دلين سان گڏو گڏ پنهنجي علائقن کي صاف سٿرو رکن ڇو ته صفائي پڻ نصف ايمان آهي، هن وڌيڪ چيو ته قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ حرجماعت جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جي حڪم تي علائقي جي امن پسند ماڻهن جي ڪاميٽي جوڙي ويندي جيڪا قبيلائي تڪرارن جي خاتمي تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، هن اهو به چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ واحد سياسي جماعت آهي جيڪا غريب ۽ مسڪينن جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ڏينهن ويجهو آهي جڏهن ملڪ جي چئني صوبن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ حڪومت قائم ڪري عوام جي خدمت ڪندي. ٻئي طرف سيد علي حيدر شاهه راشدي هندو محلي ۾ پڻ هندو برادري جي معززن ديوان ڪشنچند، ديوان ٻانهو مل، راجيش ڪمار، سني ڪمار پاران ڏنل چانهه پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هندو برادري پاران کيس سندن مسئلن بابت آگاهي ڏني ان موقعي تي علي حيدر شاهه راشدي چيو ته قائد پيرسائين پاڳارا ۽ سيد محمد راشد شاهه راشدي جي هدايتن مطابق اسين هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هيٺين سطح جي ماڻهن سان هر ڏک سک ۾ شريڪ رهون ۽ هتان جي ماڻهن جي خدمت لاءِ منهنجا دروازا هر وقت سندن لاءِ کليل آهن اسين هتي ڪنهن به ماڻهو سان ڪا به ناجائزي برداشت نه ڪنداسين. ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ايڊوڪيٽ شمس الدين لاڙڪ، سيد مڪرم شاهه، فقير صلاح الدين مڱريو، صفدر حسين گلال، سيڪريٽري غلام اڪبر ميمڻ، واجد حسين لاڙڪ، عمران قاضي، محمد ابراهيم مڱريو ۽ ٻيا موجود هئا.

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) پيرجوڳوٺ جي صرافه بازار  جو نوجوان سونارو دل بيهڻ فوت، گهر ۾ قهرام، خبر موجب پيرجوڳوٺ جي صرافه بازار ۾ سونارڪو دڪان هلائيندڙ 28 سالن جو نوجوان فهيم احمد پٽ عبدالڪريم خاصخيلي کي دل جو دورو پوڻ سبب حالت خراب ٿي ويئي جنهن کي فوري طور ڪراچي جي جناح اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس زندگيءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن ڪالهه منجهند جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو اهڙي خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو مرحوم جو لاش ڪراچيءَ کان پيرجوڳوٺ آندو پيو وڃي سندس جنازي نماز ۽ تدفين (اڄ) خميس ڏينهن ڪلري قبرستان ۾ ڪئي ويندي.


پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) فنڪشنل مسلم ليگ پيرجوڳوٺ جي اڳواڻن پاران يونٽ جو افتتاح عهديدار نامزد ڪيا ويا خبر موجب فنڪشنل مسلم ليگ پيرجوڳوٺ جي اڳواڻن صدر سيد نجيب الله شاهه راشدي، جنرل سيڪريٽري محمد سليمان مڱريو، فقير محمد اعظم منڱڻيجو، فقير احمد ڪمال راڄڙ ۽ ٻين پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ سڪندر آباد ۾ ڳوٺاڻن پاران نئين قائم ڪيل يونٽ جو افتتاح ڪيو بعد ۾ ڄاڻايل اڳواڻن يونٽ جي عهديدارن جو اعلان ڪندي سرپرست فقير محمد حسن ڪانهر، صدر فقير مير حسن ڪانهر، سينئر نائب صدر فقير شعبان علي ڪانهر، نائب صدر فقير واحد بخش ڪانهر، جنرل سيڪريٽري فقير شاهد حسين ڪانهر، نائب صدر الطاف حسين ڪانهر، پريس سيڪريٽري بدرالدين ڪانهر، آرگنائيزر فريد ڪانهر، جوائنٽ سيڪريٽري شفيع الله ڪانهر، خزانچي فقير محمد نواز ڪانهر، آفيس سيڪريٽري فقير بگن خان ڪانهر، رابطه سيڪريٽري شهزادو شيخ کي نامزد ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسين پنهنجي قائد پيرپاڳاري جي حڪم تي علائقي جي بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جي بنا فرق جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ سندن حق ۽ سچ وارو پيغام گهر گهر پهچائي رهيا آهيون، هنن چيو ته اسين صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي جي هدايتن تي هتان جي عوام سان هر ڏک سک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ سندن جائر بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون.

عبدالقدوس خلجي جي ٿورن سان.............            

اڄ جون خبرون Reviewed by سکندری on 12:54 AM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.