Top Ad unit 728 × 90

درگاه شريف جي تاريخي تقريبِ رجبي شريف

درگاه شريف جي تاريخي تقريبِ رجبي شريف

فقير حافظ محمد عيسى سومرو سڪندري

خالقي ڪائنات جون خلقيل سڀ راتيون برڪت ۽ حڪمت واريون آهن. مگر ڪن راتين کي ڪن خاص سببن جي ڪري فضيلت ۽ شرف حاصل آهي. جھڙوڪ شبِ برات، شبِ قدر، شبِ عيدين، شبِ جمعه ۽ شبِ معراج وغيره. انهن سڀني راتين جو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏو مقام آهي. انهن ڀلارين راتين ۾ هڪ ڀلاري رات شبِ معراج آهي.شبِ معراج کي اسلام ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ان رات جي اهميت، عظمت ۽ شرافت جو سبب خاتم الانبياء حضرت محمد مصطفىﷺجن جو عظيم معجزو معراج ماڻڻ آهي. ارشادِ باري تعالى آهي،
سُبْحَانَ الَّذِي أَسْرَی بِعَبْدِهِ لَيْلا مِنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ إِلَی الْمَسْجِدِ الأقْصَی الَّذِي بَارَكْنَا حَوْلَهُ لِنُرِيَهُ مِنْ آيَاتِنَا إِنَّه هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
پاڪ آهي اها ذات جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جي ٿوري حصي ۾ مسجد حرام کان مسجد اقصى تائين سير ڪرايو جنهن جي آس پاس کي اسان برڪت بنايو آهي ته جيئن اسان ان کي پنهنجن نشانين مان نشانيون ڏيکاريون بيشڪ اهو ئي ڏسندڙ ٻڌندڙ آهي.
  پوري عالم اسلام ۽ پوري ملڪ (پاڪستان) ۾ رجب المرجب جي مهيني ۾ خصوصاً 27 هين رجب المرجب جي رات معراج النبيﷺ جون تقريبون منعقد ٿينديون آهن. پر جنهن شان و شوڪت ۽ پوري اهتمام سان درگاھ شريف حضرت پيرسائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ پيرجوڳوٺ ۾ معراج النبيﷺ جي تقريب منعقد ٿيندي رهي آهي يا ٿيندي رهي ٿي، برِصغير ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان سطح تي معراج النبيﷺ جو اهو اجتماع وڏي ۾ وڏو اجتماع آهي.
درگاھ شريف جي جماعتي اجتماعن جي تاريخ تمام پراڻي آهي. حضرت پير سائين سيد حزب الله شاھ تخت ڌڻي رحمة الله عليہ (ٽيون پاڳارو) جي وصال کان جماعتي اجتماعن جي شروعات ٿي ۽ حضرت پير سائين شاھ مردان شاھ اوَّل ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ (پنجون پاڳارو) 1340ع جي وقت ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. ان وقت جي رجبي شريف جي هڪ جھلڪ محترم بشارت حسين زيدي مؤلف انوارِ محمديﷺ جي 1397 ۾ لکيل مقالي مان پيش ڪجي ٿو. موصوف لکي ٿو، ته ”هن درگاھ شريف تي هر سال 27 رجب المرجب تي رجبي شريف ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿيندي آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو پري پري کان اچن ٿا ۽ سنڌ جي هر طرف کان عالمن ۽ فاضلن کي دعوتون ڏنيون وڃن ٿيون. جيڪي تمام گھڻي تعداد ۾ شرڪت ڪن ٿا. ڪي ازخود به اچن ٿا. جنهن ۾ ٻاهرين ۽ خاص عالمن جي وڏي عزت افزائي ٿئي ٿي ۽ حضور ممدوح (حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ) پنهنجي دسترخوان تي کين طعام کارائن ٿا ۽ سندن وڏي عزت احترام رکن ٿا. طعام کان اڳ عالمن لاءِ عمدي قسم جو لباس پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي ئي کين پهرايو ويندو آهي. اهي ساڳيا ڪپڙا پائي دعوت ۾ ويهندا آهن جتي عطر ۽ گلن جي مٿن ورکا ٿيندي آهي. رخصت وقت هر هڪ عالم کي سندن شان ۽ مرتبي موجب نقد هديو ۽ خلعتون ڪن کي ته بهترين گھوڙا به بخشش ٿين ٿا.“
پير سائين ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ جن جي دعوت تي جيڪي به پري پري کان علماء ۽ مشائخ درگاھ شريف تي تشريف فرما ٿيندا هئا انهن سڀني جا نالا ته معلوم ٿي نه سگھيا آهن، بهر حال جيڪي نالا ملي سگھيا آهن، اهي قلمبند ڪجن ٿا. مولانا عبدالغفور همايوني، مولانا نظر محمد انڍڙ ڀُنگ شريف، مولانا شير محمد انڍڙ فقير ڳوٺ پنو عاقل، مولانا سيد غلام حيدر شاھ پنهواري، مولانا محمد اسماعيل ڳڙهي ياسين، مولانا تاج محمد آريجوي، مولانا عبدالرحمٰن ڌامراھ، مولانا مفتي سعدالله خيرپوري، مخدوم صاحبان کهڙا شريف ۽ حافظ امام بخش سومرو باقراڻي وغيره.
          پيرسائين ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ جن جي وصال کان پوءِ شهيدِ اعظم، امامِ انقلاب حضرت پير سائين صبغة الله شاھ ثاني (ڇهون پاڳارو) جن جي وقت ۾ پڻ رجبي شريف جي تقريب وڏي جوش و خروش سان منعقد ٿيندي رهي. علماء ڪرام، مشائخ عظام ۽ دين تي هلندڙن جي تعظيم، توقير ۽ حوصله افزائي وڏي شان و شوڪت سان قائم ۽ دائم رهي. موجوده پير سائين حضرت شاھ مردان شاھ ثاني دامت برڪاتهم العاليه (ستون پاڳارو) جن پنهنجي بزرگن جي روايتن جا امين آهن. پاڻ نه صرف پنهنجي بزرگن جون روايتون جاري رکيائون بلڪه ان ۾ مزيد اضافو ڪيائون. سنڌ جي عظيم ديني درسگاھ جامعه راشديه جيڪا 1952ع کان سندن سرپرستيءَ ۾ ديني خدمت سرانجام ڏئي رهي آهي. جامعه ۽ ان جي 200 جي لڳ ڀڳ برانچن مان ديني تعليم حاصل ڪري فارغ ٿي ايندڙ عالمن ۽ حافظن جي دستاربنديءَ جو انتظام پڻ ان سعيد موقعي تي ڪيائون. پوري پاڪستان مان تشريف آڻيندڙ عالمن ۽ مشائخن جي مبارڪ هٿن سان هڪ وڏي عظيم الشان محفل ۾ دستاربنديءَ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. سَوَن جي تعداد ۾ شرڪت ڪندڙ عالمن ۽ مشائخن جي نالن جو احاطوڪرڻ مشڪل آهي. انهن مان ڪجھ مشهور شخصيتن جو ذڪرڪجي ٿو جيڪي ماضيءَ بعيد يا ماضي قريب ۾ انهيءَ پروقار تقريب جي رونق رهيا آهن. مولانا مفتي محمد قاسم مشوري، مولانا محمد هاشم نواب شاهي، مولانا عبدالغفور هزاروي، مولانا محمد عمراڇروي لاهوري، علامه احمد سعيد ڪاظمي، عالمه فيض احمد اويسي، علامه مختار احمد دراني، مولانا عبدالتواب اڇروي لاهوري، مولانا نبي بخش لوڌران، مولانا شاھ احمد نوراني ڪراچي، علامه پروفيسر طاهرالقادري، مولانا عبدالحق، ظفر چشتي، مولانا عبدالحڪيم شرف قادري، مولانا قاضي دوست محمد بلبلِ سنڌ، مولانا غلام مجدد سرهندي شهداد ڪوٽي، بزرگ پير آف ڀرچونڊي شريف، مخدوم آف کهڙا شريف، علامه مفتي محمد صاحبداد جمالي مفتي اعظم پاڪستان، مولانا محمد ادريس ڏاهري بلبلِ مدينه، مولانا نالي مٺو، مولانا خورشيد احمد ظاهر پير، وغيره وغيره. ان کان سواءِ جامعه راشديه جي فارغن تي مشتمل 1963ع ۾ 27 رجب المرجب جي رات وجود ۾ ايندڙ تنظيم جمعيتِ علماء سڪندريه (پاڪستان) جا جملي عهديدار ۽ ڪارڪن ان موقعي تي ضرور گڏ ٿيندا آهن ۽ ان موقعي تي حاضري فرض سمجندا آهن.
          سالئون سال ان تقريب ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڳ اها تقريب هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات تي محدود هوندي هئي، الحمدلله هاڻي 26، 27 ۽ 28 تاريخ تي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون معراج النبيﷺ جي تقريب ٿيندي آهي. سڀ کان شاندار 27 جي رات واري تقريب هوندي آهي. ان تقريب جي منعقد ڪرڻ ۾ اهو ئي مقصد ڪارفرما آهي جيڪو درگاھ شريف جي باني، يارهين صديءَ جي مجدد شريعت مطهره جي عظيم مبلغ امام الاولياء حضرت پيرسائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ ۽ سندن اولاد مان سندن مسند تي ويهندڙ پاڳارن بزرگن جو هو، يعني صرف ۽ صرف الله جل جلالہٗ ۽ ان جي پياري رسول ڪريمﷺجن جي رضا حاصل ڪرڻ، الله تعالى ۽ ان جي رسولﷺ جي احڪامن کي جماعت تائين پهچائڻ، انهن کي قرآن مجيد، حديث شريف ۽ اسلامي تعليمات کان روشناس ڪرائڻ، ان سان گڏ و گڏ قادري سلسلي متعلق ذڪر جي تلقين ڪرڻ، گڏجي ذڪر ڪرڻ، پنهنجن بزرگن جي طريقي جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي پڻ تلقين ڪرڻ، مريدن جي مرشد سان نسبت رکڻ، مريدن جو مريدن سان باهمي ربط پيدا ڪرڻ ۽ درگاھ شريف سان سندن تعلق مضبوط بنائڻ وغيره.
الحمدلله ثم الحمدلله مذڪوره مقصد ۾ بي مثال ڪاميابي حاصل ٿي آهي جو اڄ حضرت پير سائين پاڳارا دامت برڪاتهم العاليه جن جي جماعت ۾ سون جي تعداد ۾ عالم، حافظ هزارن جي تعداد ۾ شب خيز تهجدگذار ۽ لکن جي تعداد ۾ نماز ۽ ذڪر جا پابند فقير موجود آهن جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عبادت ۾ مصروف عمل آهن ۽ ذڪر جھونگاري رهيا آهن. معراج النبيﷺ جي روح پرور اجتماع جي موقعي تي انهن جي اجتماعي عبادت، ذڪر فڪر، باهمي محبت، ادب و احترام ۽ عقيدت ڏسڻ وٽان آهي. هن فتني واري دؤر ۾ جتي وک وک تي شيطاني ڄار اڏيل آهن اتي ديني ۽ اصلاحي اجتماع منعقد ڪرڻ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ۽ اتي ڪوبه غير شرعي ڪم نه ٿيڻ ڪرامت ئي چئجي. چارپنج صديون گذرڻ باوجود ان روحاني تقريب ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. اڄ ان سعيد تقريب جي رونق ۽ روح ڏسڻ وٽان آهي. 26هين رجب جي رات ٿيندي ئي ملڪ جا ناميارا عالم سڳورا پنهنجن نوراني بيانن سان حاضرين جي دلين کي منور ڪندا آهن. سڄي رات قرآن و حديث ۽ الله وارن جي طريقي عاليه  جو درس ۽ نعت خواني جاري رهندي آهي. اهڙيءَ طرح وري ٻي مجلس 26هين ئي جي عصر (ٽپهري) کان شروع ٿيندي آهي ۽ 27 هين جي ڀلاري رات هر هڪ پنهنجي اميد جي دامن ۾ حق ۽ فيض جا موتي حاصل ڪندو آهي. صبح جي نماز کان فوراً بعد ملڪ جي بزرگ  شخصيتن ۽ جامعه ۽ اهلِ سنت  جي ٻين عالمن سڳورن، حافظن سڳورن ۽ هزارين حاضرين جي موجودگيءَ ۾ درسِ حديث جامعه جو مهتمم صاحب ڏيندو آهي پوِءِ بزرگن جي برڪت وارن هٿن سان فارغ ٿيندڙ عالمن ۽ حافظن جي دستاربنديءَ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. ان کانپوءِ انهن عالمن جي شان ۾ قصيده ٿيندا آهن. آخري دعا کان فوراً بعد حضرت مرشد ڪريم پيرسائين پاڳارا دامت برڪاتهم العاليه جن جي هڪ جھلڪ پسڻ لاءِ ۽ سندن فرمان ٻڌڻ لاءِ لکين پروانا پنهنجي پاڻ کان بي خبر محبوب جي دريءَ ۾ ديدون وجھي سندن اچڻ جو انتظار ڪندا آهن، آخر اها گھڙي به ايندي آهي جنهن ۾ مرشد ڪريم پنهنجن بزرگن طرفان مليل خاص لباس ۽ ڪلنگي مبارڪ پائي تشريف فرما ٿيندا آهن. هزارين اکيون پنهنجي محبوب جي ديدار جو معراج ماڻي سندن فرمانن جا موتي پنهنجن سينن ۾ سانڍي پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن  روانا ٿي ويندا آهن. اڃا رهيل جماعت 28 هين رات جي وعظ نصيحت واري تقريب ۾ شرڪت ڪندي آهي. تقريب جي اختتام تي اعلى حضرت پيرسائين پاڳارا دامت برڪاتهم العاليه جامعه راشديه ۽ ان جي برانچن مان فارغ ٿيندڙ عالمن ۽ حافظن کي پاڻ نفس نفس سندون عطا ڪندا آهن ۽ کين اختتامي خطاب فرمائيندا آهن.
الله تعالى حضرت پيرسائين پاڳارا دامت برڪاتهم العاليه جن کي خضري عمر عطا فرمائي ۽ هي رحمت ۽ شفقت جو سايو پوري جماعت تي جاري رکي ۽ سندن سرپرستيءَ ۾ اهڙيون تقريبون هميشه منعقد ٿينديون رهن. آمين ثم آمين.     





درگاه شريف جي تاريخي تقريبِ رجبي شريف Reviewed by سکندری on 5:30 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.