Top Ad unit 728 × 90

پيرڳوٺ ٿاڻي جي ننڍي منشي غلام حيدر ٿيٻو جون صحافين آڏو دانهون

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ ٿاڻي جي ننڍي منشي غلام حيدر ٿيٻو صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي، ته کيس برادريءَ جا ڪجھه ماڻهو ڪوڙا الزام هڻي کيس ناحق پريشان ڪري رهيا آهن هن چيو، ته ٻه هفتا اڳ ٽنڊو مستي لڳ ڊرٻ ميهر شاھ ۾ ذاتي تڪرار تان ڌڻي بخش ٿيٻو قتل ٿي ويو هو. جنهن جو ڪيس نديم ٿيٻو ۽ ٻين تي داخل آهي ،جيڪي ٽنڊو مستي پوليس وٽ گرفتار آهن. پر شيرل، راز علي ۽ سڪندر علي ٿيٻو مٿس ڪوڙا الزام هڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو، ته گذريل پندرهن سالن کان آءُ خيپور ۾ رهان ٿو ۽ منهنجو ٻنهي ڌرين سان پري جو واسطو نه آهي. هن ڊي پي او خيرپور ۽ ٻين اختيارين کان گھر ڪئي ته ڌمڪين ۽ ڪوڙن الزامن جي جانچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.    
پيرڳوٺ ٿاڻي جي ننڍي منشي غلام حيدر ٿيٻو جون صحافين آڏو دانهون Reviewed by سکندری on 6:04 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.