Top Ad unit 728 × 90

راجه سائين ۽ اسد کهڙو ۾ زميني تڪرار جو نبيرو


راجا سائين ۽ اسد کهڙي وارين ڌرين ۾ ٺاھ، 3 خون ۽ پنج زخمين جو40 لک ڏنڊ، زمين بابت فتوى ملتوي
سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جرڳو ڪري ٻنهي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو
کهڙن تي خون ۽ زخمي ثابت، ڏنڊ، 35 سؤ ايڪڙن تي پوکيل فصل راجاسائين وارن حوالي، زمين جي فتوى 31 جولاءِ تائين ملتوي
طارق کهڙي جي بيواھ رشيده 14 ڪروڙن ۾ زمين وڪرو ڪئي (راجا سائين واري ڌر)
رشيده نه زمين تي اسد کهڙي جو حق آهي. (کهڙن جو بيان)

پيرجوڳوٺ / سکر: (پيرجوڳوٺ آن لائين) گمبٽ جي ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي گلو سيال جي حد ۾ زمين جي تڪرار تان پيرصاحب پاڳاري جي وڏي پٽ پير صبغت الله شاھ راشدي عرف راجا سائين ۽ اسد کهڙي جي ڌرين ۾ جھيڙي جو جرڳو ڪالهه سرڪٽ هائوس سکر ۾ اڳوڻي وزير اعظم مير ظفرالله جماليءَ جي سرپئنچيءَ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڌرين کان علاوه منصب جکراڻي، سردار چانڊيو، شفقت انڙ، خالد مگسي، ڪاظم شاه لڪياري، منظم عباسي، نورالله مگسي، معشوق شاھ جيلاني، ائڊووڪيٽ شبيرشاهاڻي، ڪرم علي شاھ راشدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. راجا سائين جي ڌر بيان ڏنو، ته مرحوم طارق کهڙو جي بيواھ رشيده کهڙو، مرحوم مڙس جي ملڪيت ديھ ابوڙو ۾ واقع 35 سؤ ايڪڙ زمين راجا سائين کي 40 هزار روپيه في ايڪڙ جي حساب سان 14 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ڪئي. مرحوم طارق کهڙو جي سؤٽ اسد کهڙو ڏاڍ ڪندي ٽي ڀيرا حملا ڪري 3 ماڻهن حر ڪمانڊر غازي اربيلي فقير ڪٽپر، يوسف کوکر ۽ بشير ناريجي کي قتل ۽ 6 فقيرن کي زخمي ڪيو. جڏهن ته اسد کهڙو جي ڌر پنهنجي بيان ۾ رشيده کهڙو کي طارق کهڙو جي زال تسليم ڪرڻ کان انڪاري ڪندي چيو، ته اسد کهڙو، طارق کهڙو جو قانوني وارث آهي ۽ ڄاڻايل سودو غير قانوني آهي. امينن پاران ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد فتوى ڏني ته کهڙن تي راجا سائين جي ڌر جا 3 خون ثابت ٿين ٿا. جنهن سبب في خون جا ڏھ لک روپيه ۽ في زخمي 2 لک روپيا ڏنڊ مجموعي طور تي 40 لک روپيا کهڙن تي ڏنڊ وڌو ويو. جيڪي هو راجا سائينءَ کي ادا ڪندا. فتوى موجب زمين تي پوکيل فصل راجا سائين کڻندو جڏهن ته زمين جي فتوى 31 جولاءِ تي ٻڌائي ويندي. فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

راجه سائين ۽ اسد کهڙو ۾ زميني تڪرار جو نبيرو Reviewed by سکندری on 12:50 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.