Top Ad unit 728 × 90

ملڪي سياست ۾ ڪنگري هائوس جو ڪردار

ملڪي سياست ۾ ڪنگري هائوس جو ڪردار
عبدالخالق چوهاڻ
                                        
اسان جي ملڪ کي آزاد ٿئي خيرسان سٺ سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر ملڪ اڃا تائين ترقي پذير آهي، وڏي ڳالھ اها به آهي، جو ان سٺ سالن جي عرصي دوران جيڪي به حڪومتون ٺهيون آهن، اهي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ئي ڊهي ويون آهن يا معزول ڪيون ويون آهن ۽ شايد اسان جي ملڪ جي صحيح ترقي نه ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو به آهي، جو اسان جا سياستدان صرف هڪ ٻئي خلاف پروپئگنڊا ڪري سياست کان ذاتي انا تائين پهچي ملڪ بدران پنهنجي ذات لاءِ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا رهيا آهن. جنهن ڪري ملڪي ترقي تي ڪافي منفي اثر پيا آهن. پر هن قائدِ اعظم جي پاڪستان لاءِ ڪنگري هائوس کان جيڪا به سياست ٿي آهي، ان هميشه ملڪ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪنگري هائوس ملڪ جو اهو سياسي مرڪز آهي جتان ملڪ ۾ جنگ جي حالت ۾ مدد وٺڻي هجي يا سياست ۾ گرما گرمي کي گھٽائڻ لاءِ حڪمرانن جي گاڏين جا منهن ڪنگري هائوس ڏانهن ٿي وڃن ٿا. ملڪي تاريخ ۾ پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ هڪٻئي سان چوٽ جون سياسي مخالف رهيون آهن پر گذريل چونڊن بعد ملڪ جو وزير اعظم ڪنگري هائوس پهچي، پير پاڳاري کي ان ڳالھ تي قائل ڪيو، ته هاڻي  منجھن موجود تلخيون درگذر ڪري اسان جو ساٿ ڏنو وڃي. پيرپاڳاري وڏپڻ جو مظاهرو ڪندي سڀ ڳالھيون در گذر ڪري پ پ سان گڏ هلڻ جي هڪ نئين تاريخ لکي. ڏٺو وڃي، ته پيرپاڳاري جي ان درگذري واري پاليسيءَ جو پ پ تمام گھڻو فائدو ورتو آهي، بنسبت فنڪشنل ليگ جي.تازو ئي ڪراچي جي هڪ سياسي جماعت حڪومت کان رسي وئي۽ ڪراچي جي ان سياسي جماعت سان تعلق رکندڙ سنڌ جي گورنر کي به  استعيفا ڏيڻي پئي،جنهن بعد حڪومتي ڌر ڪنگري هائوس ۾ وڃي پيرپاڳاري جو سهارو ورتو. ۽ ڪنگري هائوس ۾ ويهي سنڌ حڪومت جي هڪ اهم وزير بيان ڏنو ته پير صاحب اسان جو وڏو آهي ۽ اسان کانئس دعائون وٺڻ ايندا آهيون مطلب ته ڪنگري هائوس ملڪي سياست ۾ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. گھڻن دوستن کي شايد اها خبر هوندي ته پير پاڳاري جون ڪيل اڳڪٿيون وقت اچڻ سان سموريون صحيح ثابت ٿيون آهن ۽ پير پاڳاري جي وري وڏي خصوصيت اها به آهي ته هو سڌو ۽ کرو چئي ڇڏيندو آهي پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي پر مان ته سندس ڪيل هر ڳالهه مان ڏاڍو مطمئن هوندو آهيان ڇاڪاڻ جو سڌي ڳالهه ڪرڻ واري کي سڌيون ڳالهيون ڏاڍيون وڻنديون آهن. سياست ۾ ڪا حتمي ڳالھ ته نه هوندي آهي پر فنڪشنل ليگ جي سربراھ پيرپاڳاري جي سٺ سالن جي سياسي بصيرت سبب اڄ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت کي ڪنگري هائوس جِي هر ڏکي موڙ تي ضرورت پوي ٿي. شال ڪنگري هائوس جهڙو ڪردار اسان جي ملڪ جي هر سياستدان جو ٿي پوي، ته اسان جو ملڪ جلد ئي ترقي پذير مان ترقي يافته ٿي سگھي ٿو.  


ملڪي سياست ۾ ڪنگري هائوس جو ڪردار
Reviewed by سکندری on 2:42 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.