Top Ad unit 728 × 90

درگاھ شريف حضرت پيرسائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي تي شب برات

هن مهيني جي پندرهين تاريخ جي جيڪا فضيلت آهي، اها پوري مهيني جي نه آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى هن رات کي ”ليلة المبارڪة“ فرمايو آهي. ترجمو: ”هن پڌري ڪتاب جو قسم آهي بيشڪ اسان هن ڪتاب کي برڪت واري رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ هئاسون (ان برڪت واري رات ۾) سڀ ڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آهي.“
 يعني هن رات ۾ پوري سال جو هال قلم بند ٿيندو آهي. رزق، بيماري، تندرستي، تنگي، ڪشادگي، راحت، تڪليف ايتري قدر جو هر اهو شخص جيڪو هن سال پيدا ٿيڻ وارو آهي يا مرڻ وارو آهي ان جو وقت به هن رات ۾ لکيو ويندو آهي. هڪ راويت ۾ آهي، ته ”شعبان جي پندرهين تاريخ ملڪ الموت هڪ رجسٽر ڏنو ويندو آهي ۽ حڪم ڏنو ويندو آهي، ته هن سال ۾ مرڻ وارن ماڻهن جا نالا هن رجسٽر تان لاهي وٺ. ڪو ماڻهو ٻني ٻارو ڪري پيو، ڪو نڪاح ڪري پيو، ڪو بلڊنگ بنائڻ ۾ مشغول آهي پر ان کي اها خبر ڪونه آهي، ته ان جو نالو مُردن ۾ جي فهرست ۾ لکيو ويو آهي.“ هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته ”سڄي سال ۾ ٿيندڙ واقعا هن رات ۾ لکيا وڃن ٿا. پيدا ٿيڻ وارا، حج ڪرڻ وارا پوءِ انهن ۾ ڪمي ٿئي ٿي نه زيادتي.“
اهڙي طرح هر سال جيان هن سال به هن ڀلاري ۽ برڪتن واري رات درگاه شريف حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جي مسجد شريف ۾ هزارين شهرين ۽ جماعتين پنهنجي رب جي حضور ۾ عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان عبادات جو سلسلو شرورع ڪيو جيڪو سانجهيءَ جي نماز کان وٺي فجر جي نماز تائين نفلن، صلوٰة و سلام، اوراد و وظائف جي صورت ۾ جاري رهيو ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي انداز سان پنهنجي رب ڪريم کي پئي ريجھايو.


الله سائين شل اسان سڀني تي پنهنجو فضل ڪرم ۽ ٻاجھ فرمائي. سچو مؤمن مسلمان بڻائي، پيءَ ماءُ جو ادب، ننڍن سان پيار ۽ وڏن سان اخلاق سان هلڻ جي توفيق بخشي. ملڪ ۽ ملّت جي ڀلائيءَ واسطي ڪم ڪرڻ، پنهنجن پراون سان ميٺ محب سان هلائي. پنهنجي پنهنجي ڪم کي ڀرپور نموني ايمانداريءَ سان پورو ڪرڻ جي سگھ بخشي. گناهن کان پري رهڻ ۽ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ جي عنايت بخشي. آمين بجاھ سيد المرسلين
درگاھ شريف حضرت پيرسائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي تي شب برات Reviewed by سکندری on 11:21 AM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.