Top Ad unit 728 × 90

حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي شهادت


حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي شهادت
ثناءُ الله منڱڻيجو صارِم

حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن جي خلافت جي دور ۾ سنه 659ع ۾ بغداد جي علائقي ۾ نهروان جي جنگ مسلمانن ۽ خارجين جي وچ ۾ لڳي، جنهن ۾ خارجين کي بدترين شڪست آئي. ان شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيترائي خارجي مڪّي ۾ ڪٺا ٿيا ۽ نهروان جي جنگ جي شڪست جو بدلو وٺڻ واسطي رٿا جوڙي مسلمانن جي ٽن مکيه اڳواڻن جي قتل جي سازش سٽيائون. جن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن کي شهيد ڪرڻ، خارجي عبدالرحمٰن ابن ملجم جي ذمي، حضرت امير معاويه جي قتل واسطي الحجاج التميمي ۽ حضرت عمرو بن العاس رضي الله عنه جن کي قتل ڪرڻ لاءِ عمرو ابن بڪر التميمي تي ذمو رکيو ويو.
حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم تي ابن ملجم سن 40 هجري جي 19هين رمضان (مطابق 26 جنوري 661ع) واري ڏينهن فجر جي نماز مهل حملو ڪيو، جڏهن پاڻ ڪرم الله وجهه الڪريم خداوند ڪريم عزوجل جي بارگاھ ۾ سر به سجود هئا.
ابن ملجم کي ڇڏي ڪري باقي ٻه ڄڻا پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا. ابن ملجم مڪّي کان ڪوفي آيو ۽ 19 رمضان المبارڪ جو انتظار ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن ڪوفي شهر جي هڪ رستي  تي سندس سامهون ٿيا، ته ابن ملجم لڪڻ جي ڪئي، جنهن تي حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن کيس مخاطب ٿي فرمايو، ته ”مان ڄاڻان ٿو، ته تون ڪهڙي مقصد لاءِ ڪوفي آيو آهين؟!“ سندن لفظ ٻڌندي ئي ابن ملجم جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. ابن ملجم کين عرض ڪيو، ته ”اي علي! اهو ڪيئن ٿيو، جو اوهان کي خبر پئجي ويئي. ابن ملجم کين چيو، ته حڪم ڪيو مون کي گرفتار ڪرڻ جو يا مون کي قتل ڪرڻ جو يا مون کي شهر مان نيڪالي ڏيڻ جو.“ پاڻ ڪرم الله وجهه الڪريم جن کيس هڪ نظر نهاريو ۽ فرمايائونس، ته ”جيتوڻيڪ مان تنهنجي ڏنل صلاحن مان هر هڪ تي عمل ڪرائي سگھان ٿو، پر اسلام جرم کان اڳ سزا جي نفي ڪري ٿو. سمجھيئي! تنهنڪري مان پابند آهيان ته تو کي آزاد ڇڏي ڏيان. متان! تون پنهنجي فيصلي تي نادم ٿئين!“
عبدالرحمٰن بن ملجم هڪ ڏينهن سيدنا علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن وٽ حاضر ٿيو، ته پاڻ رضي الله عنه فرمايائون، ته خبر ناهي منهنجو قاتل ڇو دير ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هو ان ناپاڪ ارادي سان ڪوفي اچي به چڪو آهي. پوءِ هو ڇاجو انتظار ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح جڏهن  منبر تي تشريف فرما ٿيا، ته پاڻ فرمايائون، ته مون کي منهنجي آقا و مولىﷺان جي خبر ڏني آهي. ماڻهن عرض ڪيو، اسان کي ٻڌايو، ته اهو شخص ڪير آهي، ته اسان کيس ماري ڇڏيون. پاڻ فرمايائون، ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو، ته جيسين هو جرم نه ڪري ۽ مان اوهان کي قسم ٿو ڏئي چوان ٿو، ته منهنجي قاتل کان بعد ۾ ٻئي ڪنهن کي به قتل نه ڪجو.
عبدالرحمٰن ابن ملجم ڪڏهن ڪڏهن سيدنا علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن وٽ اچڻ وڃڻ لڳو. جڏهن هڪ ڀيري وٽن آيو، ته چوڻ لڳو، ته هڪ سواري ته ڏيو! پاڻ کيس هڪ سواري ڏنائون ۽ فرمائون، ته مان ته هن جي زندگي چاهيان ٿو ۽ هو منهنجي قتل جو ارادو رکي ٿو. بيشڪ اهو ائي منهنجو قاتل آهي.
ڪيڏو نه هي بد بخت ٿيو جو اهڙي عظيم شخصيت جي قتل تي آمادھ ٿيو. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن به فرمايو آهي، ته ”اي منهنجا علي! هڪ بد بخت اهو آهي، جنهن حضرت صالح عليه السلام جي ڏاچيءَ جا ٿڻ وڍيا هئا ۽ ٻيو بد بخت آهي، اهو شخص جيڪو تنهنجي سر جي لوندڙيءَ تي تلوار جو وار ڪندو ۽ اها زهر لڳل تلوار جڏهن تو کي لڳندي، ته مان ڏسان ٿو پيو، ته تنهنجو چهرو مبارڪ ۽ ڏاڙهي رت سان لٿ پٿ ٿي ويندي.“
جنهن رمضان جي مهيني ۾ سيدنا علي المرتضى رضي الله عنه کي شهيد ٿيڻو هو. ان مهيني ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي سندن دستور اهو رهيو جو هڪ رات سيدنا امام حسن رضي الله عنه ۽ ٻي رات سيدنا امام حسين رضي الله عنه وٽ رهندا ۽ هڪ رات عبدالله بن جعفر رضي الله عنه وٽ گذاريندا هئا ۽ افطاري ۽ سحري ۾ ٽن گرهن کان وڌيڪ نه کائيندا هئا. جڏهن کانئن پڇيو ويو هو، ته حضور ايترو گھٽ ڇو کائيندا آهيو، اهو ته نه کائڻ برابر آهي، ته پاڻ فرمائيندا هئا، ته امام الائمه العظام سيدنا علي المرتضى رضي الله عنه فرمايو، ته مون کي اها ڳالھ محبوب آهي، ته جڏهن الله تعالى جي حضور وڃان، ته پيٽ خالي هجي.
ايتري تائين جو جڏهن اهو ڏينهن ويجھو اچڻ وارو هو، جڏهن ان هادي انام پنهنجي خالقِ حقيقي سان ملڻو هو، ته کين چيو ويو، ته پاڻ ڪجھ نه ڪجھ تا کائيندا ڪريو، ته ارساد فرمايائون، ته ڪا ڳالھ ناهي هاڻي ته ٻن راتين جو معاملو بچيو آهي. جنهن رات جي صبح جو کيس شهيد ٿيڻو هو، ان رات هر هر ٻاهر نڪري آسمان طرف نظر ٿي فرمايائون، ته زبان کان هي جملا پئي دهرايائون، ته الله جو قسم هيءَ ته واعدي جي اها رات آهي. جڏهن سحري ٿي، ته فرزندِ نورِ نظر امام حسن رضي الله عنه کي فرمايائون، ته پٽ اڄ مان تنهنجي نانا سيد دو جهانﷺ جن کي ڏٺو آهي. پاڻ فرمايائون ٿي، ته اي علي! هن امت مان تو کي آرام نه مليو، سندن حق ۾ دعا ڪر. مون وري هيئن دعا ڪري ڇڏي آهي.
”اي الله مون کي ان جي بدلي بهتري عطا فرماءِ ۽ انهن کي منهنجي بدلي برو ڏي.“ هاڻي فجر جي نماز لاءِ ڪوفي جي مسجد مان آذان آيو، پاڻ گهر کان نڪري معمول موجب ماڻهن کي نماز لاءِ پڪاريندي هليا ٿي پئي، ته رستي ۾ ڪجھ بدڪون سندن سامهون اچي زور زور سان رڙيون ڪندي منهن هڻندي ڏٺيون ويون. اسان کين هٽائڻ لڳاسين، ته حضرت سيدنا علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمايو، ته انهن کي نه هٽايو. ايتري تائين جو حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم مسجد ڪوفه ۾ تشريف فرما ٿيا، ته اندر اهو ئي ملعون عبدالرحمٰن ابن ملجم خارجي لڪل هو. پاڻ سندس اڳيان گذرندي مسجد جي اندر هڪ طرف وڃي نمازسنتِ فجر مؤڪدھ جي نيت ڪيائون. هڪ رڪعت ادا ڪري چڪا ۽ ٻي رڪعت قيام جي حالت ۾ پڙهي رهيا هئا، ته ظالم پٺئين پاسي کاٻي ترڇي زهر آلود تلوار ايتري زور سان هنئي جون سندن سر مبارڪ ۽ لوندڙيءَ کي ڪٽي رکيائين ۽ رت جو ڦوهارو سندن دامن اقدس کي اهڙو رنگين ڪري ويو. جو سيد السادات، شهشاهِ ولايت، باب مدينة العلم، فاتحِ خيبر، حيدرِ ڪرار، هادي انام، اميرالمؤمنين رت ۾ رنڱجي ويا. اهڙي طرح ڪجھ ماڻهن کين سنڀالڻ لڳا ۽ ڪجھ ماڻهن ملعون عبدالرحمٰن ابن ملجم کي پڪڙي ورتو، ته متان ڀڄي نه وڃي.
21 رمضان المبارڪ جي آغاز ۾ رات جي وقت هو منبع فيوض و برڪات، سيدالسادات، سراج آل نبوت، امام المتقين منصبِ خلافت تي پوڻا پنج سال رهي ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ هن دارِ فاني مان دارالبقاء ۾ منتقل ٿي ويا.
سيدنا علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن جي تدفين کان فارغ ٿيڻ بعد ماڻهن عبدالرحمٰن ابن ملجم جا هٿ پير ڪٽي ٽوڪري ۾ وجھي باه ڏئي ڇڏي. ڄڻ ته حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم تي حملو ڪرڻ وارو قاتل دنيا ۾ به باه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ آخرت جي جهنم جي عذاب ۾ هميشه هميشه لاءِ واصل ٿي ويو.
حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي شهادت Reviewed by سکندری on 6:35 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.