Top Ad unit 728 × 90

ڪنگريءَ لڳ 10 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽي ــ جتوئي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو

پيرجوڳوٺ: ڪنگريءَ لڳ 10 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽي ــ جتوئي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڌرين وٽ پهتو. ڌريون ٺاھ لاءِ راضي. ٻن ڏينهن جي اندر فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي. رپورٽ موجب ڪنگريءَ لڳ ڳوٺ هلي ڀٽي ۾ جتوئي ــ ڀٽي برادريءَ وچ ۾ هلندڙ  خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪالهه (اڄ) اربع ڏينهن شام جو دير سان  مختلف برادرين جي چڱن مڙسن سيد پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري صوبدار خان جتوئي، پير آف گمبٽ مصري شاھ سماجي اڳواڻ عنايت الله ناريجو، اياز حسين ڪورائي، ڊاڪٽر محمد شريف پنهور، استاد امام الدين پنهور  سميت هڪ سو چڱن مڙسن جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ هلي ڀٽي پهچي برادريءَ جي چڱن مڙسن کي خوني ويڙهاند کي ڇڏي ٺاھ ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ڀٽي برادريءَ جي چڱن مڙسن نذير خان ڀٽيءَ ۽ٻين ميڙ ٿي آيل قافلي کي مان ڏيندي ٺاھ لاءِ راضپو ڏيکاريو. جنهن جي راضپي ڏيکارڻ کان پوءِ ٻن ڏينهن اندر فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي. جڏهن ته فيصلو اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور حسين پنهور جي سرپئنچيءَ هيٺ ٿيندو. يادرهي ته گذريل ڏيڍ سال کان ٻنهي ڌرين وچ ۾ نوجوان ناري شبنم ڀٽي کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ تان شروع ٿيو جنهن ۾ هيل تائين ٻنهي ڌرين جا 10 ماڻهو جن ۾ شبنم ڀٽي، بخت علي، محبوب، زاهد ڀٽي، علي گوهر ڀٽي، محبت علي،شوڪت علي، بشير جتوئي، سميت ڏھ ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
ڪنگريءَ لڳ 10 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽي ــ جتوئي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو Reviewed by سکندری on 9:04 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.