Top Ad unit 728 × 90

ڪنگري جي ڪچي ۾ ناريجا جتوئي ڇڪتاڻ برقرار. تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي وٽ پهچي ويو،

پيرجوڳوٺ: ڪنگري جي ڪچي ۾ ناريجا جتوئي ڇڪتاڻ برقرار. تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي وٽ پهچي ويو، مثبت موٽ. ڪنگريءَ جي ڪچي ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ناريجا جتوئي برادريءَ جي ڌرين ۾ شروع ٿيل تڪرار سبب ڇڪتاڻ برقرار آهي. ويڙهاند جي خاتمي لاءِ ڪالهه اڱاري ڏينهن پير آف گمبٽ سيد مصري شاھ، پير آف نوراجا سيد دين محمد شاھ، سماجي اڳواڻ عنايت ناريجو، اياز حسن ڪورائي، جيمعت اڳواڻ مولانا نور محمد جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ منٿ ميڙ قافلو شڪارپور ۾ جتوئي هائوس تي پهتو ، ته اتي موجود ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي کي ٺاھ ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي جتوئي برادريءَ جي سردار منٿ ميڙ قافلي کي مثبت موٽ ڏيندي چيو، ته برادريءَ جي ماڻهن کي گھرائي ٺاھ لاءِ چوندس. ياد رهي ته گذريل اٺن سالن کان خيرپور ۽ شڪارپور جي ڪچي واري دنگ تي پنج سو ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ تان جتوئي ناريجا برادريءَ ۾ تڪرار هلندڙ آهي. جنهن ۾ هيل تائين پندرهن کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي.
ڪنگري جي ڪچي ۾ ناريجا جتوئي ڇڪتاڻ برقرار. تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي وٽ پهچي ويو، Reviewed by سکندری on 6:03 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.