Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ: وڏا مهيسر لڳ برساتي پاڻيءَ ۾ ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا هڪ فوت ٻن کي بچايو ويو.

پيرجوڳوٺ: وڏا مهيسر لڳ برساتي پاڻيءَ ۾ ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا هڪ فوت ٻن کي بچايو ويو. گھر ۾ ڪهرام. رپورٽ موجب ڪالهه (اڄ) وڏا مهيسر لڳ ڳوٺ سفر خان ميتلو ۾ راند ڪندي ٽي ٻارڙا جميل ميتلو، صدف ۽ شمن ميتلو برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، بعد ۾ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري صدف ۽ شمن ميتلي کي ڪڍي بچائي وڌو، جڏهن ته ٻن سالن جوجميل پٽ سومر ميتلو ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش بعد ۾ ڪڍيو ويو. واقعي سبب گھر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا هئا. ٻئي طرف ڳوٺاڻن تاج محمد ميتلو، محمد پناه ۽ مسمات اختياران ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي، ته گذريل ٻن هفتن کان برساتي پاڻي ٻن کان ٽن فوٽن تائين بيٺل آهي، پر انتظاميه سندن ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهنڪري سندن گھرن ۾ فاقه ڪشيءَ واري صورتحال آهي.   

پيرجوڳوٺ: وڏا مهيسر لڳ برساتي پاڻيءَ ۾ ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا هڪ فوت ٻن کي بچايو ويو. Reviewed by سکندری on 8:04 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.