Top Ad unit 728 × 90

”جنهن کي وڻي“

”جنهن کي وڻي“

عبدالخالق چوهاڻ پيرجوڳوٺ


چيو وڃي ٿو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران عوام جي سهولت لاءِ هيٺين سطح تائين ڏنل ناظمي نظام عوام لاءِ سٺو ثابت نه ٿي سگھيوڇاڪاڻ جو ناظمي نظام آڻڻ سان صوبن جي خود مختاري تي ڌاڙو هو. ۽ائين سياسي ڀوتارن جي عوام  ڪجهه گھٽ ئي سلامي ڀرڻ لڳو هو. ڇاڪاڻ جو عوام جا ننڊا مسئلا ته ناظمن وٽ ئي بنا ڀاڙي جي حل ٿي وڃن پيا ته پوءِايم پي اي يا وري ايم اين اي وٽ وڃڻ جي عوام کي تڪليف گھٽ ئي پوي پئي،جيڪا ڳالهه سياسي ڀوتارن کي مڙيئي نه پئي وڻي،جن ڏينهن رات ڪوششون ڪري نيٺ عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر سلامي ڀرائڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي،2002ع کانپوءِ ناظمن جي ۽ ٽي ايم اوز جي نظام جي وجود کانپوءِ ملڪ جي هر ننڊي توڙي وڏي تعلقي ۽ يوسيز جي آفيسن ۾ ڪچا توڙي پڪا تقريبن 200کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري پنهجن ٻچڙن جو پيٽ پاليندا هئا،جن مان ڪچا ملازم ته بي روزگار بڻيا آهن پر پڪا ملازم به گهر ويهي رهيا آهن ڇاڪاڻ جو گهڻن پڪن ملازمن جون ايتريون پوسٽون هن نظام ۾ ڪٿان اچن جو انهن کي اهي پوسٽون ڏجن، مجبور ٿي کين مختلف هنڌن تي موڪليو ويندو.پر ڪچا ملازم ته مورڳو ئي بي روزگار بڻجي ويا، جڏهن ته ترقياتي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ هر تعلقي ۾ 80 لک کان هڪ ڪروڙ  10لکن تائين ۽ هر يونين ڪائونسل لاءِ 2 لک روپيه ماهوار بجيٽ اچڻ سان هيٺين سطح تي عوام کي تمام وڏو رليف ملي رهيو هو. هاڻي شايد اهي سڀ سهولتون عوام کي هڪ خواب ۾ ئي ملي سگھنديون. ناظمي نظام جي خاتمي بعد 50 سال وري ملڪ کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي،پنهنجي مقصد لاءِ ئي صحيح هڪ سياسي تنظيم جيڪو ناظمي نظام جي بحالي جو مطالبو ڪري ٿي اهو غريب ۽ هيٺين طبقي جي عوام جي ترجماني ڪري ٿو. عوام اهو نه ٿو چاهي ته ڪراچي ۾ 5 ضلعا نه هجن ۽حيدرآباد ڪا ورهايل هجي، پر عوام ته پنهنجي مسئلن جو حل گھري ٿو. مڃيو سي ته ناظمن به وڏي حد تائين ڪرپشن ڪرڻ جا رڪارڊ ٽوڙيا ۽ ڪک
پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر ان باوجود به عوام کي وڏيون بنيادي سهولتون مليون،ائين ته ايوان ۾ ويٺل به سياسي ڀوتارن گھٽ ڪونه پيا ڪن،۽ اهڙا ڪيترائي ايم پي اي ۽ ايم اين اي آهن جيڪي ڪک پتي مان ڪروڙپتي بڻجي ويا،ڇا ؟ اهي نمائنده وظيفا پڙهي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻيا آهن. ڏٺو وڃي ته ڪرپشن سياسي ڀوتارن جو ڏنل تحفو آهي، اسان ڪنهن سياسي بحث ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون عوام کي ڪنهن مان فائدو آهي اها ٻولي ڳالهائي رهيا آهيون، جنهن اهو نظام متعارف ڪرايو ان ماڻهون کي ڀلي پنهنجن ٻين غلطين ۽ گناهن جي سزا ملڻ گھرجي پر خدارا ان ماڻهو جي آندل هن عوام جي ڀلائي لاءِ نظام کي ٽوڙڻ کان بچايو،ڇاڪاڻ جو عوام ۾ هاڻي ايوانن ۾ ويٺل اگھور ننڊ  سمهندڙ نمائندن جي سلامي ڪرڻ جي سگھ نه رهي آهي. ڇاڪاڻ جو پراڻي زماني ۽ هاڻو ڪي زماني ۾ تمام گھڻو فرق آهي ان ڪري پراڻي زماني واري نظام کي اتي ئي رکي،نئين نظام کي هلڻ ڏنو وڃي  پوءِ ڀلي ان ۾ سڌارا
آڻي ايماندار عوامي نمائندن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن عوام جاننڍا ننڍا مسئلا هيٺين سطح تي ئي حل ٿي وڃن ۽ عوام سياسي ڀوتار ن جي سلامي ڪرڻ کان به بچي پوي.

”جنهن کي وڻي“
Reviewed by سکندری on 5:34 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.