Top Ad unit 728 × 90

امن منهنجو حق



جنهن کي وڻي

”امن منهنجو حق“

عبدالخالق چوهاڻ


  • اسان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي جون حالتون سڌ رڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ طرف وڌي رهيون آهن پر اسان جا محبي حڪمران توڙي سندن اتحادي صرف بيان ڏيڻ تائين ئي محدود آهن ڪراچي ۾ بدامني جو سبب ڪجهه سياسي ڌرين کي ئي سمجيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو جڏهن اهي سياسي ڌريون هڪٻئي کان ڪنهن لالچ خاطر رسنديون آهن ته سوين بي گناهه  ماڻهو موت جي منهن چاڙهيا ويندا آهن جن لاءِ سياسي ڌريون توڙي حڪومتي صاحب سواءِ مذمت ۽ جانچ واري لفظ کان اڳتي نه وڌندا آهن ۽ نه وري پنهنجي ذميواري سمجهندا آهن ان ڪري ئي شايد ڪڏهن ڪنهن عملي ڪم يا وري امن جي بقا لاءِ ڪا مؤثر جدوجهد نه ڪئي آهي، ڪنهن لالچ تان پاڻ ۾ ڪاوڙجن ته لاشن جا ڊير پر جي پرچن ته ڀائرن جيان آجيان. واهه واهه صاحبو عوام لاءِ اوهان جون خدمتون.....ڪراچي ته ڪرنگهي جي هڏي جيان آهي، پر اتر سنڌ ۾به ايتري ته خونريزي ۽ بدامني جي هوندي به هتي ته ڪوبه ان جي مذمت ڪرڻ جي به زحمت نه ٿو گواره ڪري، ٻن ڌرين جي جھيڙي کي قبيلائي جھيڙي ۾ تبديل ڪرائيندڙن فردن جي جنگ کي برادري جي جنگ جوٽائيندڙن عنصرن جو نه ڪڏهن ڪنهن پيڇوڪيو آهي ۽ نه وري ڪنهن ان طرف سوچيو آهي وڏي ڳالهه ته اتر سنڌ ۾ ٿيندڙ ايڏن ها ڃن جي ڪراچي واقعن جيان ڪنهن مذمت ڪرڻ ورا لفظ به گھٽ ئي استعمال ڪيا ويندا آهن، پر اتر سنڌ جي خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران امن جي بقا لاءِ هڪ ڊگهي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جي شروعات ڪنگري تعلقي کان ڪئي ويئي آهي 19 جولاءِ تي پيرڳوٺ جي ريسٽ هائوس تي “امن منهنجو حق“ جي عنوان سان صحافين، سول سو سائٽي جي ماڻهن ۽ مختلف برادري جي چڱن مڙسن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي جنهن کي خطاب ڪندي ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسو سيئيشن جي اڳواڻ خادم ميراڻي چيو ته جيتوڻيڪ هن خطي ۾ امن ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان باوجود به اسان جي تنظيم هن ڪم جي بقا لاءِ ميدان ۾ نڪري چڪي آهي جنهن جي شروعات ڪنگري تعلقي مان ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي اميد آهي ته هن ڊگھي جدوجھد ۾ ضرور ڪامياب ٿي هن ڌرتي تي امن جو جھنڊو ڦڙڪائيندا سين ڪنگري مان صحافين، شهرين ۽ معززن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي ويئي جيڪا پنهنجن علائقن جا مسئلا ۽ قبيلائي جھيڙن جي لسٽ ٺاهيندي، ۽ ٻئي مرحلي ۾ جھيڙيدڙن ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي امن سان رهڻ جي اپيل ڪندي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ ڇا؟ ڪا ڀٽائي ويلفيئر ايسو سيئيشن جھڙي تنظيم نه آهي يا وري ڪو خادم ميراڻي جھڙو سماجي ورڪر يا ڪارڪن نه آهي جو امن خاطر ڪا عملي جدوجھد ڪري ته جيئن ڪراچي ۾ ماڻهون ڪجهه نه ڪجهه امن سان رهي سگھن، بحرحال اسان کي امن کپي پوءِ ڀلي ان ۾ ڪو اڳواڻي ڪري نه ڪري پر مان ته تيار آهيان “امن منهنجو حق“ جي نعري هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ..................................
امن منهنجو حق Reviewed by سکندری on 5:49 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.