Top Ad unit 728 × 90

جماعت اسلامي، اين پي پي ۽ سني تحريڪ به هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي، پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو: پاڳارو

جماعت اسلامي، اين پي پي ۽ سني تحريڪ به هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي، پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو: پاڳارو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي۽ سني  تحريڪ سنڌ کي انتظامي  طور ورهائڻ خلاف قوم پرستن جي 13 آگسٽ تي اعلانيل ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه بشير قريشي ۽ ٻين هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي ۽ سني تحريڪ جي مرڪزن تي وڃي کين هڙتال جي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي مٿين جماعتن 13 آگسٽ واري هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي چيو ته اسان 13 آگسٽ جي هڙتال جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته رات پيٽ ۾ فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي حيرت ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت جا اتحادي ضرور آهيون پر سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. هي سنڌ جي عوام جو اتحاد خود حڪومت جي فائدي ۾ آهي. حڪومت پنهنجي اتحادين کي ٻڌائي سگهي ٿي ته عوام ڪاوڙيل آهي. ٻئي پاسي ليبر پارٽي پاڪستان سنڌ طرفان سنڌ جي وحدت جي ورهاڱي خلاف قوم پرستن طرفان اعلانيل 13 آگسٽ واري هڙتال جي حمايت ڪندي ڪراچي، حيدراباد ۽ ٻين شهرن جي صنعتي ادارن ۾ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها ڳالهه ليبر پارٽي سنڌ جي ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ ڪئي وئي. اجلاس جي صدارت پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ يونس راهو ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي بحراني صورتحال تي غور ڪندي گورنر شاهي جي حڪم تحت مارشلائي مڪاني نظام کي سنڌ تي مسلط ڪرڻ کي غيرآئيني، غيرقانوني ۽ سنڌ دشمن قرار ڏيندي ان کي رد ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته ان سنڌ دشمن عمل خلاف 13 آگسٽ تي ٿيندڙ هڙتال جي حمايت ڪندي صنعتي علائقن ۾ هڙتال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پي پي پي ۽ متحده قومي موومينٽ سنڌ م ٻن انتظامي مڪاني آرڊيننس جي اعلان تي سنڌ جي عوام کان معافي ورتي وڃي ۽ سنڌ جو گورنر استعيفا ڏئي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي معاملن تي پنجاب سان وائسراءِ موڪلي فيصلا ٿاڦڻ بند ڪري. سنڌ جي اندروني معاملن ۾ غير ملڪي سفيرن خاص طور آمريڪي ۽ برطانوي سفارتڪارن جون سرگرميون ۽ انهن جون ڪجهه گروپن کي ڏنل پٺڀرائي کي ستويش جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ۽ کين سنڌ دشمن سرگرمين کان روڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ رهندڙ سمورن رهواسي خاص طور مزدور تنظيمن کي اپيل ڪئي وئي ته 13 آگسٽ تي ٿيندڙ هڙتال کي ڪامياب بڻايو وڃي.  حرن جي روحاني پيسوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته قوم پرستن جي موقف جي حمايت ڪريان ٿو. هڙتال سان قوم جو نقصان ٿئي ٿو، احتجاج ڪٿي به ٿي سگهي ٿو. پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو آهي. مشرف جي دور ۾ به مڪاني نظام جي مخالفت ڪئي هئي. منهنجي ويڙهه جو طريقو پنهنجو آهي. اهڙن خيال جو اظهار هن ڪالهه سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، بشير قريشي ۽ ٻين سان ڪنگري هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته آزمايل کي ٻيهر نه آزمايو ويندو آهي. منهنجي بزرگن قربانيون ڏنيون مان قربانيون وٺندس. بلدياتي ۽ شهري نظام ۾ وڏو فرق آهي. شهري نظام ۾ شهرن جي ڦرلٽ آهي. ٻهراڙين ۾ گهٽ آهي. هن چيو ته مان هميشه سنڌ جي مفادن لاءِ وڙهي رهيو آهيان ۽ وڙهندو رهندس، منهنجي وڙهڻ جو پنهنجو طريقو آهي. هن چيو ته پ پ وارا پيدائشي قلابازيون کائيندڙ آهن ۽ مرندا ويندا. هن چيو ته سنڌ ڪارڊ پي پي جي هٿ ۾ هو. ان پي پي جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو آهي. هن چيو ته مان قوم پرستن جي موقف جي حمايت ڪريان ٿو. هڙتال سان قوم کي نقصان ٿئي ٿو. ٻئي طريقي سان ۽ ڪٿي به احتجاج ٿي سگهي ٿو. صحافين طرفان پاليسي تبديل ٿي وڃڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان مفاد پرست آهيان، ان موقعي تي سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳوڻي سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن. سنڌ جي وحدانيت خلاف جيڪو به فيصلو ٿيندو ان خلاف مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته مڪاني نظام جي اچڻ سبب ٺٽو، ڄامشورو ۽ ڪراچي جي 90 سيڪڙو زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪئي وئي. ان نظام ۾ صوبي جي ڪا به حيثيت نه آهي. اسان ڪراچي کي واپس پنج ضلعن ۽ حيدرآباد کي واپس هڪ ضلعو ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. پ پ پنهنجي چونڊ منشور ۾ عوام سان واعدو ڪيو هو، بشير قريشي چيو ته سنڌ جي حفاظت اسان جي رت ۾ شامل آهي. پاڳارو سنڌ ۽ سنڌ پاڳارو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وجود تي حملو ڪندڙن جا هٿ پير ڀڃي ڇڏينداسين. سنڌ خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪئي ويندي.
جماعت اسلامي، اين پي پي ۽ سني تحريڪ به هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي، پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو: پاڳارو Reviewed by سکندری on 3:45 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.