Top Ad unit 728 × 90

ڪمشنري نظام بحال نه ٿيو ته وڏي رتوڇاڻ ٿيندي: پير پاڳارو

ايم ڪيو ايم ڪمشنري نظام جي حمايت ڪري، کين سمجهڻ گهرجي ته اهو نظام سندن ڀلائي ۾ آهي، ناظمي نظام پويان وڃڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان متحده ۽ مهاجرن کي ٿيندو: فنڪشنل ليگ سربراهه
ڪمشنري نظام بحال نه ٿيو ته وڏي رتوڇاڻ ٿيندي: پير پاڳارو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ف ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ کي صلاح ڏيندس ته ڪمشنري نظام جي حمايت ڪري ۽ کين سمجهڻ گهرجي ته ڪمشنري نظام انهن جي ڀلائيءَ ۾ آهي ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ سڀئي سمجهي وڃن نه ته وڏي خونريزي ٿيندي. ايم ڪيو ايم وارا ملڻ لاءِ ايندا ته کين مشورو ڏيندس ته هو ڪمشنري نظام جي حمايت ڪن ۽ ناظمي نظام پويان نه وڃن نه ته سڀ کان وڌيڪ نقصان ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جو  ٿيندو. پاڪستان جي تاريخ شاهد آهي ته  غدار سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ وڌيڪ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ڪنگري هائوس تي اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. پير پاڳاري مڪاني ادارن جي نظام جي  بحاليءَ واري آرڊيننس جي اسيمبليءَ مان منظوريءَ وقت مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبرن کي ساٿ نه ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ناظميءَ واري نظام جي مخالف ۽ اڄ به ڪمشنري نظام جو حامي آهيان، جيڪڏهن مڪاني ادارن جي  نظام جي  بحاليءَ وارو آرڊيننس منظوريءَ لاءِ اسيمبليءِ ۾ پيش ڪيو ويو ته اسان جي پارٽيءَ جا ميمبر ان جي حمايت نه ڪندا، نه ئي  بلدياتي نظام جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا.هن چيو ته  حڪومت جا هاڻي وارا اپاءُ في الحال ايم ڪيو ايم جي خلاف نه آهن پر ڊگهي وقت­ لاءِ اهي قدم ايم ڪيو ايم جي خلاف آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن گهڻا ماڻهون ماريا ويندا ته فوج اچي ويندي ۽ جيڪڏهن گهٽ ماڻهو مرندا ته پوءِ فوج نه ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيئن متحده وارا سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بي وس ۽ بيڪار آهن تيئن اسان ڪراچيءَ ۾ بي وس آهيون. انڪل الطاف حسين وقت تي فون ڪندو آهي پر اڃا تائين سندس ڪو به فون نه آيو آهي ۽ اميد ٿو ڪيان ته انڪل الطاف فون ڪندو ۽ حڪم صادر فرمائيندو. هن چيو ته فوج سان ڪو واسطو نه آهي، فوج قميص وارن کي پنهنجو دشمن ۽ قميص وارا فوج کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا. پير پاڳاري چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سدائين پريشان هوندو آهي. پير پاڳاري چيو ته ڪمشنري نظام کي واپس وٺڻ واري غلطي حڪومت جي نه پر اها غلطي اسان  ماڻهن جي آهي جو اسان هنن کي نه سمجهي سگهيا آهيون. هڙتالون ملڪ جي فائدي ۾ نه آهن، جيڪڏهن هڙتالون ٿينديون ته وڌيڪ بک بدحالي ايندي ۽ ماڻهن جي روزيءَ تي اثر پوندو. هن چيو ته پٺاڻ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به موجود آهن پر اسان کين ڪڏهن به تڪليف نه ڏني آهي ۽ پٺاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ هو خرچ به هتي ئي ڪن ٿا پر پٺاڻن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ داخلائون نه ڏيڻ تي افسوس آهي. ٻي طرف اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي درانيءِ سان ملاقات دوران پير پاڳاري بهاولپور صوبي جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته بهاولپور جي پراڻي حيثيت چاهيون ٿا جيڪا 1970ع ۾ جنرل يحييٰ خان رشوت ڏئي وڃائي ۽ اسين  بهاولپور صوبو چاهيون ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ بهاولپور صوبي جي حق ۾ ووٽ ڏيندي ۽ عوام بهاولپور صوبي ٺاهڻ جي طاقت رکي ٿو. هن چيو ته ننڍن يونٽن ٺاهڻ سان عوام کي فائدو پهچندو“ پنجاب ورهائجي ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته بهاولپور جو سرائڪين سان ڪو واسطو نه آهي 1958ع ۾ رڳو سنڌ، بهاولپور سميت 3 يونٽ هيا ۽ باقي سڀئي بجيٽ ۾ خساري ۾ هيا. پنجاب ڀلي بهاولپور صوبو ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچيءَ کي صوبو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏي پر جڏهن ڪراچيءِ کي ملڪ جي گاديءَ وارو شهري  بڻايو ويندو ته ڪراچي رڳو پنجابين جو نه پر سڀني جو هوندو. اسين نه ٿا چئون ته پنجاب جي بالادستي ختم ڪئي وڃي، بهاولپور صوبو ٺاهي ان جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ غدار سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ وڌيڪ ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌين جو مزاج ۽ خيالن جو اظهار صحيح نه آهي، جيڪڏهن سنڌي پنهنجي خيالن جو اظهار صحيح طريقي سان ڪن ته ڪا به خرابي نه ٿيندي.
ڪمشنري نظام بحال نه ٿيو ته وڏي رتوڇاڻ ٿيندي: پير پاڳارو Reviewed by سکندری on 1:39 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.