Top Ad unit 728 × 90

سياست عبادت يا ڪاروبار


سياست عبادت يا ڪاروبار                 

عبدالخالق چوهاڻ 
                                                                    
سڌريل ملڪن ۾ سياست عوام لاءِڪئي ويندي آهي ۽عوام جي خدمت ڪرڻ ئي اصل سياست آهي ان ڪري ئي شايد سياست کي عبادت سڏيو ويندو آهي پر بد قسمتي سان اسان جي مٺڙي ملڪ ۾ سياست کي ڪاروبار سمجهي سياست ۾ پير پاتو ويندو آهي ڇاڪاڻ جو هن ملڪ ۾ 75 سيڪڙو اهڙا  سياستدان   آهن جن جي سياست ڪرڻ کان اڳ واري مالي حيثيت ۽سياست جي اچڻ کان ڪجهه سال پوءِ واري مالي حيثيت ڏسبي ته زمين ۽ آسمان جيترو فرق نظر ايندو ڇاڪاڻ جو اهي سياستدان ڏسندي  ئي ڏسندي ڪک پتي مان ڪروڙپتي بڻجي  ويا آهن عوام ته سڀ کي سڃاڻي ٿو پر حالات ۽ مجبورين سبب ماڻهون سچ نه چئي سگهندو آهي وڏي ڳالهه ته اسان جا جيڪي سياستدان آهن اهي مخالفت ۾ ٻيون گھڻيون ئي هڪٻئي جون غيبتون ڪندا آهن پر ڪڏهن به هنن هڪٻئي جي مالي اصليت طرف وڃڻ جي مڙيئي گھٽ ڪوشش ڪئي آهي ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن هڪ سياستدان پنهنجي مخالف جي حقيقتون ظاهر ڪندو ته مخالف به کيس ڪونه بخشيندو.ان ڪري ئي اسان جي مٺڙي ملڪ ۾ موروثي سياست ۾ گھٽتائي بجاءِ واڌارو ٿيندو پيو وڃي ۽ هن ملڪ ۾ سياستدان جي اولاد، سياستدان.امير جي اولاد، امير ۽ غريب جي اولاد، غريب ئي ڏٺي ويئي آهي ورلي ڪو غريب جو ٻار وڏيون تڪليفون ڪاٽي اڳتي آيو هوندو. جيتوڻيڪ لکڻ لاءِ ته گھڻو ئي مواد آهي پر چوندا آهن ته سچ ڪڙو لڳندو آهي پر ان باوجود به اسان سچ لکڻ کان مڙئون به نه ٿا  پر ڏاهن جي نصيحت کي نظر ۾ رکندي سچ لکئون ٿا پر رومال ۾ ويڙهي، ڇاڪاڻ جو اسان مٿي اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته مجبورين ۽ حالاتن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ماڻهون سڌي طرح سچ نه چئي سگھندو آهي ان ڪري پاڻ رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ته متان ڪو سائين، ڀوتار يا ڪو صاحب ناراض نه ٿي پوي. منهنجي تڪ جو هڪ موجوده ايم پي اي سائين جڏهن گذريل  جنرل اليڪشن کان تقريبن 6 مهينا بعد هتان هڪ  منتخب اميدوار پاران ايم پي اي جي ڇڏيل  سيٽ تي اليڪشن وڙهي خير سان کٽي آيو ۽ ٻئي ڏينهن تي خوشي ۾ نه ماپندي چئي ويٺو ته مان جيڪڏهن هن ڀيري نه کٽا ها ته سڄي عمر قرض ئي نه لاهي سگھان ها، ڇاڪاڻ جو مان پاڻ  وارو رهيل کجين جو باغ به 5 سالن جي مقا طعي تي ڏئي اليڪشن وڙهيو آهيان. اڳ ته اهو سائين بار جو صدر هو  پر 2 سالن اندر اڄ الله جي مهرباني سان ان ايم پي صاحب وٽ 2 پيٽرول پمپ،2 وڏيون گاڏيون ۽ فرضي نالن تي روڊن جا ٺيڪا کڻي ڪنگال پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي. ٻڌو آهي ته حڪومت ۾ سرگرم سياستدان ۽ اهم عهدي تي ويٺل سکر جو هڪ سائين واپڊا کاتي ۾ ميٽر ريڊر هو ۽ ميٽر ريڊر جي مالي حيثيت ڇا هوندي اهو اوهان ۽ اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا پر اڄ اهو ميٽر ريڊر سائين کرب پتي آهي نه صرف پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به سندس ڪاروبا ر آهن. سنڌ حڪومت ۾ هڪ اهم عهدي تي ويٺل صاحب لاڙڪاڻي ۾ وڪيل صاحب هو ۽ وڪيل صاحب  جيڪو ڪمائيندو آهي اها به سڀ کي خبر هوندي. پر اڄ اهو وڪيل صاحب به خير سان ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي اهڙي طرح خيرپور جو جهونو سائين جيڪو اڄڪلهه سنڌ ۾سڀني کان مٿين عهدي تي آهي سو 3 ڏهاڪا سال کن اڳ سائين به هڪ وڪيل صاحب هو ۽ کيس چڙهڻ لاءِ هڪ پيڊل سائيڪل هئي جيڪا به منزل تي پڄڻ کان اڳ ٻه ڀيرا پنچر ٿيندي هئي پر اڄ اسان جو اهو جهونو سائين به  کرب پتي آهي ۽ ماشاءَالله تقريبن سندس سمورو خاندان سياستدان بڻجي چڪو آهي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنهن همراهه کي اڄڪلهه ملڪ ۾ ننڊو وڏو سڃاڻي ٿو ۽ ملڪ ۾ ڇا پر سندس ٻاهرين ملڪن ۾ به چرچا آهن ته وڏي ڪمال جو سياستدان نڪتو، سو به وڏو گرناري هو پر سندس شادي اهڙي هنڌان ٿي جو لوهه کي پارس لڳو ته سون ٿي پيو ۽ مان ته سمجهان ٿو ته ان همراهه پاڻ ئي ڪڏهن تصور ۾ به ڪو نه سوچيو هوندو ته مان به ڪو هن عهدي تي يا ان منزل تائين پهچندم. پاڻ ڪنهن جا نالا ته  نه کنيا آهن پر کين ضرور ڪکي ويندوان عام چوڻي جيان ته .”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي“.حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته رات جي پيٽ ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ٿيندڙ انهن سياستدانن لاءِ اسان جي اعلي عدالت ڪڏهن به توجهه نه ڏني آهي ته انهن ايڏيون ملڪيتون ۽ ڪاروبار ڪيئن ٺاهيا؟ اها آهي اسان جي مٺڙي ملڪ ۾ سياست، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ڪري ڇڏي. منهنجي نظر ۾ اسان جي ملڪ ۾ سياست کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه وڏو ڪاروبار نه آهي.


0300389026      pakistanmyjan1@yahoo.com
سياست عبادت يا ڪاروبار Reviewed by سکندری on 6:12 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.