Top Ad unit 728 × 90

اي الله


اي الله!
اسان کي سچي آزادي مبارڪ فرماء!
اها آزادي.... جا اڄ کان چوهٺ سال پهرين،
اسان جي ابن ڏاڏن
اسان لاءِ حاصل ڪئي هئي
اي الله!
اسان جي عزيز وطن تي
۽ هتي رهڻ وارن تي
پنهنجو خصوصي رحم ۽ ڪرم فرماء!
۽ پاڻ ۾
پيار ۽ محبت عطا فرماء!
اسان کي خلفاءِ راشدين جهڙا
حڪمران نصيب فرماء!
اسان کي پنهنجي وطن سان مخلص
۽ ان جي ترقي واسطي پاڻ پتوڙڻ وارو بڻاءِ!
اي الله!
جيڪي اسان جا ڀائر ڀٽڪيل آهن!
کين سڌو رستو ڏيکار!
۽ منجھن وطن سان محبت پيدا فرماءِ!
منهنجي وطن کي صحيح طور تي
اسلام جو قلعو بڻاءِ!
۽ سموري دنيا ۾ ان جو نانءُ نروار رک!
جيڪي قومون منهنجي وطن کي حقير سمجھن ٿيون
سندن ڪنڌ جھڪاء!
اي الله!
هن مبارڪ مهيني جي صدقي
منهنجون سموريون دعائون قبول فرماء!
پاڪستان پائنده باد
آمين!

اي الله Reviewed by سکندری on 9:02 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.