Top Ad unit 728 × 90

وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جي زيادتين خلاف ڪنگري جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ: وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جي زيادتين خلاف ڪنگري جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو، صدر ۽ وزير اعظم کان نوٽيس وٺڻ  جو مطالبو، خبر موجب وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري مظهر مڱڻهار جي زيادتين خلاف ڪنگري جي رهواسين خدابخش ميمڻ،ڪريم بخش ۽ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري مظهر مڱڻهار پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺي غريبن سان انتهائي ظلم ڪري رهيو آهي، خيرپور ۾ ڪجهه ڏوهارين سان سندس اڻ سڌي طرح وڏا واسطا آهن ڇاڪاڻ جو هڪ ڪار لفٽر گروهه سان ايترا ته ويجھا رابطه آهن جو مظهر مڱڻهار ڪار لفٽرن کي ڇڏائڻ لاءِ پنهنجا سمورا سورس استعمال ڪري ٿو جنجا اسان وٽ ثبوت پڻ آهن ۽ هو پاڻ به ڪلارڪ مان  غيرقانوني طور مختيارڪار بڻجي ويو آهي، ۽ سندس پوسٽنگ ڪراچي ۾ آهي جڏهن ته سندس ڀاءُ رياض مڱڻهار هڪ ئي وقت غير قانوني طور ٻه نوڪريون ڪري رهيو آهي، خدا بخش ميمڻ چيو ته مون هڪ چوريءَ جي ڪار وڪرو ڪندڙ گروهه جي هڪ ڏوهاري جي نشاندهي ڪئي ته مظهر مڱڻهار ان ڏوهاري کي گرفتاري کان اڳ ئي بچائي ورتو. مظاهرين صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم. ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندڙ مظهر مڱڻهار خلاف ڪارروائي ڪري مسڪين ماڻهن کي سندس ظلم کان بچايو وڃي 
.
وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جي زيادتين خلاف ڪنگري جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو Reviewed by سکندری on 5:38 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.