Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس برسات جون تباه ڪاريون ختم نه ٿيون

پيرجوڳوٺ:  پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس برسات جون تباه ڪاريون ختم نه ٿيون ٻه سو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ اڃا به فوٽن تائين پاڻي بيٺل مختلف بيمارين منهن ڪڍيو. 24 ڪلاڪن ۾ پيرسن سميت ٻه ڄڻا گيسٽرو وگھي فوت. گھر، فصل، ڀاڄيون، گھڻي ڀاڱي تباه. چوپايو مال به مرڻ لڳو. انتظاميه به اگھور ننڊ. اين جي اوز توڙي چونڊيل نمائندا به لڙي نه آيا. رپورٽ موجب سنڌ جي ٻين علائقن ۽ شهرن جيان پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس طوفاني برسات وڏي پيماني تي تباهي آندي آهي. ڪاوش پاران گڏ ڪيل معلومات موجب هن وقت به پيرڳوٺ شهر جي مختلف محلن توڙي ٻه سو کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ سفر خان ميتلو، صاحبڏنو ميتلو، جيئند خان جوڻيجو، نورخان جتوئي، بهادر جوڻيجو، ماڪوڙو بوزدار، ڳوٺ وليو شيخ، ڏاتو خان ناريجو، نورمحمد جاگيراڻي، ڪانهر موڙ، غلام محمد جاگيراڻي، جمعا خان جاگيراڻي، حضور بخش جوڻيجو، عبدالرشيد جاگيراڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي گذريل ٻن هفتن کان وٺي ٻن فوٽن تائين بيٺل آهي. جنهن ڪري سوين جايون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن ۽ پاڻي بيهڻ ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريون، ڪمند، ڪپهه، ڪيلا، جوئر ۽ سبزيون پڻ مڪمل طور سڙي تباه ٿي ويون آهن. مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري ڄاڻايل ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. اهڙي صورتحال ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان حال ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن غلام نبي عبدالڪريم، ڪريم ڏنو  ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي، ته گذريل پندرهن ڏينهن کان وٺي برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. پر ڪوبه انتظامي عملدار لڙي نه پهتو آهي. جڏهن ته مختلف بيماريون پکڙجڻ ڪري چوويهن ڪلاڪن اندر پيرسن محمد ميهر ميتلو ۽ معصوم ٻارڙو قادر بخش ميتلو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا آهن،. هنن چيو، ته برساتن ڪري فصل تباه ٿيڻ سان گڏ چوپايو مال به مري رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ڪري سندن ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته اين جي اوز توڙي چونڊيل نمائندا لڙي نه آياآهن . ڳوٺاڻن صدر ۽ وزير اعظم پاڪستان کان گھر ڪئي، ته خدا جي واسطي سندن ڳوٺن مان برساتي پاني نيڪال ڪرائي ۽ ٽيمون موڪلي صحت جون سهولتون مهيا ڪري سهائتا ڪئي وڃي.  
پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس برسات جون تباه ڪاريون ختم نه ٿيون Reviewed by سکندری on 8:02 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.