Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ جي ريوينيو ريسٽ هائوس ۾ سيد عمر مصطفى شاھ راشدي پاران افطار ڊنر جو اهتمام

پيرجوڳوٺ: ڪالهه شام پيرجوڳوٺ جي ريوينيو ريسٽ هائوس ۾ سيد عمر مصطفى شاھ راشدي پاران مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿيڻ جي خوشي ۾ پارٽي پاران هڪ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. افطار پارٽي جي موقعي جي سيد عمر مصطفى شاھ راشدي جيڪو پير صاحب پاڳاري جي وڏي فرزند راجا سائين جو فرزند آهي، تنهن چيو، ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏي سياسي رهنما ميان نواز شريف آهي ۽ اهو ميان صاحب ئي آهي، جيڪو ملڪ کي موجوده ڏکين حالتن مان ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ائٽمي ڌماڪن جو مثال ڏيندي چيو، ته ميان صاحب پنهنجي حڪومتي دور ۾ ملڪ کي مضبوط بڻايو آهي ۽ انشاءَالله هر فورم تي عوامي جي لاءِ ڀلائي واسطي ڪم ڪندو رهندس. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) پنجاب لائرز فورم جي جنرل سيڪريٽر چيو ته ميان نواز شريف کي سيد عمر مصطفى شاھ راشدي جي پارٽي ۾ اچڻ سان تمام گھڻي خوشي ٿي آهي ۽ متوقع آهي، ته ميان صاحب، سنڌ جي ايندڙ دوري دوران پيرجوڳوٺ ۾ پڻ هلي اچي، ان حوالي سان عمر مصطفى شاھ راشدي ٻڌايو، ته ميان صاحب سندس دعوت تي جلد ئي پيرجوڳوٺ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ لائرز فورم پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ٻڌايو، ته شاھ صاحب کي پارٽيءَ ۾ سندس شايان شان عهدو ڏنو ويندو. باقي سندس مسلم ليگ ن جو سنڌ جو صدر ٿيڻ وارين ڳالهيون في الحال وقت کان اڳ چئبو. ان کان سواءِ افطار ڊنر ۾ نواز ليگ جي ڪارڪنن  جي وڏي تعداد کان سواءِ صحافين جو پڻ جھجھو تعداد موجود هو.
   





پيرجوڳوٺ جي ريوينيو ريسٽ هائوس ۾ سيد عمر مصطفى شاھ راشدي پاران افطار ڊنر جو اهتمام Reviewed by سکندری on 8:31 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.