Top Ad unit 728 × 90

پيرڳوٺ لڳ پوليس جي هوٽل تي چڙهائي هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش

پيرجوڳوٺ:پيرڳوٺ لڳ پوليس جي هوٽل تي چڙهائي هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت دوران ڳوٺاڻي جا ڪپڙا لهي ويا اگھاڙو فرار. رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ پيرجوڳوٺ پوليس جي جيها مسجد اسٽاپ تي قائم عبدالله شر جي هوٽل تي چڙهائي ڪري هڪ ڳوٺاڻي علي گوهر پٽ بهادر بڙدي ويٺل ڳوٺ متو بڙدي کي هوٽل مان کنڀي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻي پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي جنهن دوران ڳوٺاڻي علي گوهر بڙديءَ جا ڪپڙا لهي ويا ۽ هو اگھاڙو ٿي ويو ۽ اگھاڙي حالت ۾ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اهلڪارن مٿس هوائي فائرنگ ڪئي. پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته اهو تماشو سوين ماڻهو گڏ ٿي ڏسندا رهيا. ڳوٺاڻو اگھاڙي حالت ۾ فرار ٿي ويو.
پيرڳوٺ لڳ پوليس جي هوٽل تي چڙهائي هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش Reviewed by سکندری on 8:06 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.