Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن پاران پورهيت کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش. مزاحمت تي مرڻينگ.

پيرجوڳوٺ:  پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن پاران پورهيت کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش. مزاحمت تي مرڻينگ. سخت مقابلي بعد موٽر سائيڪل ڦر جا ٻه ماسٽر مائينڊ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل سميت گرفتار. پڇا ڳاڇا دوران پنجاھ کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ڦرڻ جو اعتراف. رپورٽ موجب ڪالهه (اڄ) پيرڳوٺ لڳ باغ واھ اسٽاپ وٽ هٿياربند ڦورن پورهيت فريد ميتلو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي بٽ هڻي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پيرڳوٺ ۽ وڏا ماڇيون پوليس پهچي وئي. سخت مقابلي بعد ٻه هٿياربند ارسلان شاھ راشدي، دلدار حسين لهر کي ڦر ٿيل موثر سائيڪل ۽ هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته هڪ ساٿي فرارٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته گرفتار ڄاڻايل ٻه ڦوروعلائقي ۾ موٽر سائيڪلون ڦر ڪندڙ گروھ جا ماسٽر مائينڊ آهن جن پوليس آڏو پنجاھ کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس گرفتار ڦورن جي نشاندهي تي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.
پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن پاران پورهيت کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش. مزاحمت تي مرڻينگ. Reviewed by سکندری on 6:01 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.