Top Ad unit 728 × 90

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف عورتن جو پوسٽ عملي خلاف احتجاج

پيرجوڳوٺ: پيرجوڳوٺ لڳ احمدپور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف عورتن جو پوسٽ عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جي اڳواڻي صائمه خاتون، نورجهان خاتون، آسيه خاتون ۽ ٻيون ڪري رهيون هيون. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو، ته پوسٽ عملو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ رقم مان ٻه سو کا پنج سو رپين تائين ڪٽوتي ڪري ٿو ۽ آيل پيسا هڪ هڪ مهينو گذريل باوجود کين نه ٿا ڏنا وڃن. بار بار پنڌ ڪرائڻ ۽ ڪٽوتي ڪرڻ کان پوءِ کين پريشان ڪرڻ بعدرقم ڏني وڃي ٿي. جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن چيو، ته پوسٽ عملي خلاف بار بار دانهون ڪيون آهن پر ان باوجود عملي خلاف قدم نه ٿو کنيو وڃي. هنن اعلى  اختيارين کان گھر ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم دير سان ملڻ ۽ ڪٽوتي ڪندڙ پوسٽ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.   

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف عورتن جو پوسٽ عملي خلاف احتجاج Reviewed by سکندری on 8:53 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.