Top Ad unit 728 × 90

خيرپور ضلعي اندر تيز برساتن سرن جا بٺا تباھ ڪري ڇڏيا. ضلعي اندر هڪ هزار بٺا سخت متاثر

پيرجوڳوٺ:  خيرپور ضلعي اندر تيز برساتن سرن جا بٺا تباھ ڪري ڇڏيا. ضلعي اندر هڪ هزار بٺا سخت متاثر مالڪن کي ڪروڙين روپين جو نقصان. سرون ٻيڻ تي مهانگيون ٿي وڃڻ سان گڏ سخت کوٽ ٿي ويئي. غريبن کان گھر جوڙائڻ وس ۾ نه رهيا. خيرپور ضلعي ۾ ٻن هفتن تائين تيز ۽ لڳاتار برساتن پوڻ  سبب جتي فصل، گھر ۽ مال متاع تباھ ٿيا آهن. اتي سرن جي بٺن کي پڻ تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ تيز پيل برساتن جي ڪري خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ڪنگري، گمبٽ، ڪوٽ ڏيجي، خيرپور، ٻٻرلوءِ، ٺري ميرواھ، نارو، فيض گنج، کهڙا، رپڙي ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ  بٺا قائم آهن ۽ جن مان لکين سرون تيار ڪيون وڃن ٿيون. پر گذريل برساتن گھڻي ڀاڱي سرن جي بٺن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري بٺن مالڪن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پئجي ويو آهي. جڏهن ته ميدانن ۾ پيل ڪچيون سرون پڻ ڳري ختم ٿي ويون آهن. اهڙي صورتحال ڪري 3 هزار في هزار سرون هاڻي 5 هزار في هزار ٿي ويون آهن. جنهنڪري بٺا مالڪ سخت پريشان ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ بٺا مالڪن جان محمد ۽ ٻين  جو چوڻ آهي، ته تازين برساتن سبب بٺا تباھ ٿيڻ سان گڏ ميدان ۾ تيار ڪيل ڪچيون سرون ختم ٿي ويون آهن. جنهنڪري سرن جي کوٽ پيدا ٿيڻ سان گڏ کين ڪروڙين روپين جو نقصان پيو آهي. مجبور ٿي سرون مهانگيون ڪرڻيون پيون آهن. ٻئي طرف ڳوٺاڻن  تنوير منڱڻيجو، امتياز راهوجو ، وسيم سومرو ۽ ٻين جو چوڻ آهي، ته تازين برساتن ڪري اسان جون جايون ڪري پيون آهن، پر بٺا تباھ ٿيڻ ڪري سرون ايتريون مهانگيون ٿي ويون آهن جو هاڻي گھر جوڙائڻ سندن وس ۾ نه آهي. جڏهن ته سرن جا بٺا تباھ ٿيڻ ڪري سوين پورهيت پڻ بيروزگا ٿي ويا آهن.
خيرپور ضلعي اندر تيز برساتن سرن جا بٺا تباھ ڪري ڇڏيا. ضلعي اندر هڪ هزار بٺا سخت متاثر Reviewed by سکندری on 9:07 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.