Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ:فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو. ڏيڍ مهيني کان ناحق باندي بڻايل پيرسن جوڙو بازياب

پيرجوڳوٺ:فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو. ڏيڍ مهيني کان ناحق باندي بڻايل پيرسن جوڙو بازياب. ايس ايڇ او  اڄ رڪارڊ سميت طلب. ڪالهه (اڄ) جمعي جي ڏينهن سول ڪورٽ ڪنگريءَ جي جج انوارالحسن صديقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هڻي ڏيڍ مهيني کان ناحق باندي بڻايل پيرسن جوڙو زال مڙس سرهو ناريجو ۽ سندس زال ڄامل ناريجو کي بازياب ڪرايو ۽ ٿاڻي جو رڪارڊ سيل ڪري ايس اڇ او فيض محمد ٻنڊو زاهد حسين ابڙو کي (اڄ) ڇنڇر ڏينهن سيشن ڪورٽ خيرپور طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙي ڪارروائي گرفتار ڪيل پيرسن جوڙي جي پٽ علي احمد ناريجو سيشن ڪورٽ خيرپور ۾  پٽيشن داخل ڪئي ته فيض محمد ٻنڊو پوليس سندس پيءُ ماءُ سرهو ناريجو ۽ مسمات ڄامل ناريجو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙي درخوست داخل ٿيڻ بعد سول ڪورٽ ڪنگريءَ جي جج کي حڪم ڪيو .جنهن ڇاپو هڻي ٻنهي کي بازياب ڪرائي ورتو.
پيرجوڳوٺ:فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو. ڏيڍ مهيني کان ناحق باندي بڻايل پيرسن جوڙو بازياب Reviewed by سکندری on 9:34 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.