Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ لڳ ڪنوار لائون لهڻ کان چند گھڙيون اڳ فرار،

پيرجوڳوٺ: پيرجوڳوٺ لڳ ڪنوار لائون لهڻ کان چند گھڙيون  اڳ فرار، سندس ڀاڄائي جو حمل ضايع، اغوا جو الزام. خبر موجب پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ جيها مسجد ۾ نوجوان ڪنوار (ر) جيڪا ونواھ ۾ ويٺل هئي، لانئون لهڻ کان چند گھڙيون اڳ نوجوان سان فرار ٿي وئي آهي. واقعي جو ٻڌي سندس ڀاڄائي  جو 5 مهينن جو حمل ضايع ٿي ويو آهي. جنهن کي خيرپور اسپتال  علاج لاءِ نيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو، ته ڪنوار جي شادي پنهنجي ماسات سان رٿيل هئي. پر هوءَ  پنهنجي ٻئي ماسات سان فرار ٿي وئي، ونواھ مان ڪنوار  جي فرار ٿيڻ جو ٻڌي سندس ڀاڄائي مسمات بيهوش ٿي وئي ۽ سندس 5 مهينن جو حمل ضايع ٿي ويو.  ٻئي طرف فرار ٿي ويل ڪنوار جي ڀاءُ جو چوڻ آهي، ته سندس ڀيڻ  ونواھ ۾ ويٺل هئي ۽ کيس هٿن پيرن تي ميندي لڳل هئي ته لائون لهڻ کان ڪجھه گھڙيون اڳ جوابدارساٿين جي مدد سان اغوا ڪري ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته پيرجوڳوٺ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو، ته کين اهڙو ڪوبه اطلاع نه مليو آهي.
پيرجوڳوٺ لڳ ڪنوار لائون لهڻ کان چند گھڙيون اڳ فرار، Reviewed by سکندری on 8:19 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.