Top Ad unit 728 × 90

نيشنل بئنڪ پيرجوڳوٺ جي عملي جي زيادتين خلاف پرائمري استادن جواحتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ:نيشنل بئنڪ پيرجوڳوٺ جي عملي جي زيادتين خلاف پرائمري استادن جو پيرجوڳوٺ ۾احتجاجي مظاهرو ڌرڻو. ريلي. بئنڪ عملي خلاف نعريبازي. خبر موجب نيشنل بئنڪ پيرجوڳوٺ جي عملي جي زيادتين ۽ سرِ عام رشوت وٺڻ خلاف سوين پرائمري استادن پيرجوڳوٺ ۾ احتاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽  سانڱري محله کان وٺي پريس ڪلب پيرجوڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي بئنڪ عملي خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جنهن تي بئنڪ انتظاميه خلاف نعرا لکيل هئا. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي سيد خليل الله شاھ راشدي، سيد عبدالقادر شاھ راشدي، مشتاق لغاري، شهاب الدين گھمرو، سيد ابو بڪر شاھ راشدي، الله بخش لغاري ۽ بيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ هو، ته نيشنل بئنڪ پيرجوڳوٺ جو  عملو استادن کان ايڊوانس پگھارن ڪڍرائڻ وقت سر عام رشوت وٺڻ سان گڏ حد کان وڌيڪ زيادتيون ڪري رهيا آهن ۽ بئلنس انڪوائري وقت ۽ پگھارون ڏيڻ وقت استادن ۽ عام ماڻهن جي تذليل ڪن ٿا. هنن چيو، ته رشوت وٺڻ واسطي بئنڪ طرفان خانگي ايجنٽ مقرر ڪيل آهن.جيڪي هر اڪائونٽ هولڊر جي بي عزتي ڪندا رهن ٿا. هنن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کان گهر ڪئي، ته نيشنل بئنڪ عملي جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
نيشنل بئنڪ پيرجوڳوٺ جي عملي جي زيادتين خلاف پرائمري استادن جواحتجاجي مظاهرو Reviewed by سکندری on 8:20 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.