Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل مئچ کيڏيو ويو

پيرجوڳوٺ: (نمائندو) پيرجوڳوٺ ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل مئچ کيڏيو ويو. پيرڳوٺ جي ٽيم راشدي ڪرڪيٽ ڪلب سوڀ حاصل ڪري ورتي. خبر موجب پيرجوڳوٺ ۾ هڪ مهيني کان جاري انٽر ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ڪلب ٽورنامينٽ کيڏي ويئي. ان کان اڳ ٽورنامينٽ ۾ ضلعي جي مختلف شهرن کان آيل ويهن کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو. ڪالهه جمعي جي ڏينهن پيرجوڳوٺ جي بوائز هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي راشدي ڪرڪيٽ ڪلب ۽ الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور جي وچ ۾ فائنل مئچ کيڏي وئي. جنهن ۾ راشدي ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 30 اورن ۾ 152 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن جي جواب ۾ الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور جي ٽيم آخري اوور تائين فقط 147 رنسون ٺاهي سگھي ۽ ائين راشدي ڪرڪيٽ ڪلب پيرجوڳوٺ انٽرڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ڪلب ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ کٽي ورتو. آخر ۾ مهمان خصوصي ڊي او اسپورٽس خيرپور ۽ ڊي ڊي او روينيو خيرپور، پ پ اڳواڻ سيد زمان شاھ راشدي کٽندڙ ٽيم جي ڪئپٽن سيد منصور شاھ کي ونر ٽرافي ڏني ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ورهايا. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ مين آف دي سيريز ۽ مين آف دي مئچ جو انعام سيد اويس شاھ راشدي کي ڏنو ويو. ان کان سواءِ سينيئر ڪرڪيٽر سيد زاهد حسين شاھ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.






































































پيرجوڳوٺ ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل مئچ کيڏيو ويو Reviewed by سکندری on 7:56 PM Rating: 5

2 comments:

  1. MashAllah dhhado suttho ,,Mansoor Shah jo aham kirdar hoondo aahy har match main Rashdi team jey tarfaan

    ReplyDelete
  2. Mashaallah super sindhi sahab awhan ji kawish zabardast ahy awhan pir jo goth ji wady kidmat kery rehya ahyo awhan khe jas huje. cricket je bare main eho chawan chaeindus te rashdi cricket team ji luck hin tournament main dadhi sudhi hui halank score edo wado kone huyo per asaan pir goth waren joon duaoon sanan gud huyoon maan khud jumma nimaz main dua ghuri hu te rashdi team won kery iha assan je pir goth ji fatah ahey sajay district maan sirif pir jogoth khe iheho aizaz haul thio ain assan won kio se . ustad manzoor ahmed khaskheli pir jo goth.

    ReplyDelete

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.