Top Ad unit 728 × 90

اڄ جون خبرون

24-09-2012                                             اڄ جون خبرون
 
پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگريءَ جي صدر سيد علي حيدر شاهه راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنگري جي يوسي نورپور ۽ ڪولاب جيئل جو دورو ڪيو. دوري دوران مختلف ڳوٺن ۾ مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون ويون برادرين جي چڱن مڙسن ماستر نظير احمد ميتلو، سليم سنڌي ميتلو، امتياز علي چانڊيو، صوفي غلام حسين پنهيار، خان محمد مري، اياز علي ميتلو، ماستر غلام مرتضي ملڪ، علي گل ملڪ ۽ ٻين برادريءَ جي سوين ماڻهن پيرسائين پاڳارا جي اعلي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي سيد علي حيدر شاهه راشدي، سيد جمن شاهه بخاري، ڄام انعام الله مهيسر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پيرپاڳارا خاندان جي سياست سچ ۽ شرافت تي ٻڌل آهي ۽ اسان هميشه پاڙيوارن واسطيدارن کي فائدو ڏيندا رهيا آهيون ۽ اهو فائدو پنهنجي قائدين جي هدايتن مطابق ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو، هنن وڌيڪ چيو ته پيرسائين پاڳارو اسان جو سياسي قائد هئڻ سان گڏ روحاني رهبر پڻ آهي ان جي روحاني هدايتن ۽ سياسي سلسلن کي عام ماڻهن تائين  پهچائڻ جو عمل شروع ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جو توجهه فنڪشنل مسلم ليگ ڏانهن وڌي رهيو آهي، هوڏانهن اڳواڻن يونين ڪائونسل ڪولاب جيئل ۾ پارٽي ورڪرن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري يوٿ ونگ جي باڊيءَ جو اعلان پڻ ڪيو، جنهن ۾ صدر نثار احمد سهتو، جنرل سيڪريٽري آصف علي ابڙو ۽ ٻيا عهديدار نامزد ڪيا ويا. 

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه جي هدايت تي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ سيد علي حيدر شاهه راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ سول اسپتال خيرپور پهچي ليڊيزونگ تعلقي ڪنگري جي نائب صدر زاهده چنه جي عيادت ڪئي ۽ سيد محمد راشد شاهه راشدي پاران 10 هزار روپيا پڻ ڏنا ان موقعي تي ڄام انعام الله مهيسر، سيد جمن شاهه بخاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. 

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) ڪنگريءَ جي علائقن ۾ قبيلائي تڪرارن ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو، جهيڙيندڙ علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون بند، نوجوان نسل جي تعليم تباهه، علائقا نوگوايريا بڻيل، هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويئي. خبر موجب ڪنگريءَ تعلقي جي مختلف علائقن ڳوٺ سونو خان جلباڻي، پريالو، صدرجي ڀٽيون، ٻنڊي ڪلهوڙو، صادق ڪلهوڙو ، ميان خان، احمدپور، ڳوٺ وڏا پنهيار ۽ ٻين علائقن ۾ ڪلهوڙا _ناريجا، انصاري _جلباڻي، ميتلا _پنهيار، رند _انصاري،  اوڍا برادري جي ٻن ڌرين، خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهڻي وقت کان هلندڙ خوني تڪرارن ۾ جهيڙيندڙ ڌرين جا اٽڪل 60 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن۽ ڪيترائي گولين لڳڻ سبب معذور بڻجي ويا آهن ۽ جهيڙيندڙ علائقن ۽ ڳوٺن جا پرائمري توڙي هائير سيڪنڊري ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ پڻ بند پيل آهن جڏهن ته اسڪولن جي بند هجڻ سبب نئين نسل جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي سندن هٿن ۾ قلمن ۽ ڪتابن جي ٿيلهن بجاءِ ڪلاشنڪوفون ۽ گولين جا ٿيلها پڻ ڪلهن ۾ پيل آهن جنهن مان ظاهر آهي ته جهيڙيندڙ ڌريون انا پرستيءَ خاطر هڪ ٻئي جو رت پيئڻ تي اٽل بڻيل آهن ٻئي طرف ڌرين ۾ تڪرار سبب علائقي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويئي آهي جنهن ڪڻڪ ڪمند ۽ ڪيلن بجاءِ ٻوڙا، ڪانڊيرا ۽ جهنگلي ٻوٽا پڻ ڦٽي ويا آهن ۽ زرعي زمينون هڪ ٻيلي جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن هوڏانهن جهيڙيندڙ ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو بيمار هجڻ سبب گهرن ۾ پيل آهن جيڪي خوف کان پنهنجو علاج نه ٿا ڪرائي سگهن بيماريءَ واري بستري تي پيل آهن. برادرين جي اهڙن خوني تڪرارن کي نظر ۾ رکندي علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين عبدالله شر، مقصود مهيسر، عبدالجبار سولنگي ۽ ٻين انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ بنا فرق جي سرچ آپريشن ڪري موتمار هٿيار کسي کين ٺاهه لاءِ مجبور ڪيو وڃي، ٻئي صور ت ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه جانيون گولين جو کاڄ بڻجي وينديون.  جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگريءَ جي صدر چيو ته اسين پنهنجي قائد پيرسائين پاڳارا جي هدايتن موجب ڪنگري تعلقي مان قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي رهيا آهيون جيڪي برادرين وٽ وڃي خوني تڪرار کي ختم ڪرائن لاءِ اپيل ڪندا ۽ خوني تڪرارن جي خاتمي تائين جوڙيل ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪندي رهندي. ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ رابطو ڪرڻ تي چيو آهي ته علائقي ۾ جلد سخت آپريشن ڪري علائقي ۾ امن ڪرايو ويندو ۽ ناجائز اسلحو رکندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.  

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن تعلقه ڪنگريءَ جون چونڊون رئيس رجب علي چانڊيو ۽ بگن چانڊيو جي صدارت ۾ ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ رئيس قربان علي چانڊيو جي رهائشگاهه تي ٿي گذريون، جنهن ۾ صدر رئيس قربان علي چانڊيو، سينئر نائب صدر محمد ايوب چانڊيو، نائب صدر علي شير چانڊيو، جنرل سيڪريٽري سهراب خان چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري محمد مراد چانڊيو، خزانچي پرويز چانڊيو، پريس سيڪريٽري وحيد علي چانڊيو ۽ آفيس سيڪريٽري نياز علي چانڊيو چونڊيا ويا، گڏجاڻيءَ ۾ چانڊيه برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) پيرجوڳوٺ لڳ  انصاري _ جلباڻي خوني تڪرار ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، خبر موجب پيرجوڳوٺ لڳ انصاري _ جلباڻي هلندڙ تڪرار ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن بادشاهه عرف باشن جلباڻي ۽ انور علي جلباڻي جو قتل ڪيس احمدپور ٿاڻي تي فريادي الهڏنو  جلباڻيءَ جي فرياد تي گناهه نمبر 126/2012 قلم 302 تحت انصاري برادري جي امير بخش، دادن، شاهن انصاري ۽ 4 نامعلوم سميت 8 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي هوڏانهن آچر واري رات دير سان لاڙڪاڻي اسپتال ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل انور علي جلباڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو جنهن کي وارثن سندس اباڻي قبرستان پير بهادر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو آهي ٻن ڏينهن اندر ٻن ڄڻن جا الڳ الڳ لاش کڄڻ ۽ قبرون کوٽڻ واري منظر کي ڏسي هر اک آلي هئي ۽ سندس وارث عورتون رڙيون ڪري پار ڪڍي رهيون هيون، ٻئي طرف انصاري _ جلباڻي برادرين جي ماڻهن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويئي آهي ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.   هوڏانهن فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگريءَ جي صدر علي حيدر شاهه راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جلباڻيءَ برادري جي قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي تڏي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.


پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) منگهنواري ڀرسان جاگيراڻي ۽ ميتلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، گولي لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، خبر موجب پيرجوڳوٺ لڳ منگهنواريءَ ۾ معصوم نينگر پاران گاڏي تان مڪئي جو سنگ ڪيرڻ سبب جاگيراڻي ۽ ميتلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين سروٽن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن سبب اسلم ميتلو، پرويز جاگيراڻي ۽ علي بخش جاگيراڻي زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي جڏهن ته احمدپور پوليس جهيڙي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي.  

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) ايم اين اي سيد فضل حسين شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلزپارٽي پنهنججي حڪومتي دور ۾ عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي آهي خاص ڪري موجوده حڪومت هزارين بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي شهيد راڻيءَ جو خواب پورو ڪيو آهي هن چيو ته صدر آصف علي زرداري شهيدن جي نقش قدم تي هلندي پيپلزپارٽي مضبوط ڪيو آهي ۽ موجوده حڪومت مفاهمتي پاليسيءَ تحت هلندي اتحادين کي ساڻ کڻي هلي رهي آهي هن اهو به چيو ته ايندڙ اليڪشن مقرر وقت تي ضرور ٿيندي ۽ مخالف پي پي جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي پريشان ٿي ويا آهن هن اهڙيون ڳالهيون پي پي ضلعي خيرپور جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ حفيظ الله چانڊيو جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون ان موقعي تي هن پنهنجي تڪ جي عوام جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ درخواستون وصول ڪيون.



اڄ جون خبرون Reviewed by سکندری on 7:04 AM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.