اڄ جون خبرون 25 سيپٽمبر 2012
اڄ جون خبرون 25 سيپٽمبر 2012
پيرجوڳوٺ
(پيرجوڳوٺ آن لائين) پيرجوڳوٺ جي ڪنگري محلي ۾ نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين
روپين جو سامان کڻي، خبر موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو نامعلوم چور فنڪشنل
مسلم ليگ پيرجوڳوٺ جي ڪنگري محله يونٽ جي جنرل سيڪريٽري بخش علي ميراڻيءَ جي
ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي 5 لک روپين جي ماليت کان وڌيڪ سامان کڻي ويا. فنڪشنل مسلم ليگ سٽي پيرجوڳوٺ جي اڳواڻن سيد
نجيب الله شاهه راشدي، محمد سليمان مڱريو، نديم حيدر چنه ۽ ٻين اهڙي واردات جي سخت
لفظن ۾ ڪندي پوليس اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته اهڙي واردات ڪندڙ جوابدارن کي جلد
کان جلد گرفتار ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏئي متاثر سان انصاف ڪيو وڃي.
پيرجوڳوٺ
(پيرجوڳوٺ آن لائين) تعلقي ڪنگريءَ جي ڳوٺ ٻاٻيهو خان شر جي رهواسين فنڪشنل مسلم
ليگ ۾ باضابطه طور شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، خبر موجب فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻن
ايڊوڪيٽ مجيب الرحمان مهيسر، وڏيرو عاشق حسين مهيسر، جاويد علي مهيسر ۽ ٻين
ڪنگريءَ جي ڳوٺ ٻاٻيهو خان شر ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڳوٺ جي چڱن مڙسن
رئيس سونو خان شر، رئيس نبي بخش خان شر، بدرالدين شر برادري جي سوين ماڻهن سان پي
پي ڇڏي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت جو باضابطه طور اعلان ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن
ڳالهائيندي چيو ته صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي جي هدايتن تي عوامي
رابطه مهم جي تيز ڪئي ويئي آهي ۽ علائقي جا چڱا مڙس پارٽي جي اعلي قيادت تي ڀرپور
اعتماد جو اظهار ڪندي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
پيرجوڳوٺ
(پيرجوڳوٺ آن لائين) پيرجوڳوٺ ۾ مهراڻ ٽيچر ايسوسيئيشن تعلقي ڪنگريءَ جون چونڊون
ٿي گذريون، صدر نثار احمد ابڙو چونڊجي ويو، خبر موجب پيرجوڳوٺ ۾ مهراڻ ٽيچر
ايسوسيئيشن تعلقي ڪنگريءَ جي گڏجاڻي پيرجوڳوٺ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ صدر نثار احمد
ابڙو، سينئر نائب صدر محمد صديق ڦلپوٽو، نائب صدر ممتاز بانو ميتلو، جنرل سيڪريٽري
ممتاز علي آريجو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري دلمراد جوڻيجو، نائب سيڪريٽري اقبال بانو
مهيسر، خزانچي غلام مهدي مڱريو، پريس سيڪريٽري سيد قائم علي شاهه ۽ آفيس سيڪريٽري
سڪندر علي ڦلپوٽو کي چونڊيو ويو بعد ۾ چونڊيل عهديدارن مٺائي پڻ ورهائي.
عبدالقدوس خلجي جي ٿورن سان...
اڄ جون خبرون 25 سيپٽمبر 2012
Reviewed by سکندری
on
10:37 PM
Rating:
No comments: