Top Ad unit 728 × 90

منهنجو ڳوٺ ڦلپوٽا نمبر 1


منهنجو ڳوٺ ڦلپوٽا نمبر 1
ڦلپوٽا ڳوٺ نئون ديري کان هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي اوڀر ۾ دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي آباد آهي روايت آهي ته هي ڳوٺ مغلن جي آخري حڪمران بهادر شاهه ظفر جي دور ۾ آباد ٿيو آهي. پهريان هت گھاڙ واهه تي هڪڙي ميربحر جو گھر هوندو هواهو ميربحر گھاڙ واه ۾ ٻيڙي هلائي ماڻهون پار پڄائيندو هو. سندس خاندان کي گھاڙائي ميربحر پڻ سڏيو ويندو هو. بعد ۾ گھاڙ واه جي شاخ شير واه تي ويٺل ڦلپوٽا قبيلي جا ماڻهو پنهنجي ماڳن تان گھلرن ۽ ڦورن کان تنگ ٿي لڏي اچي هت ويٺا. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ تي ” ڦلپوٽا “ نالو پئجي ويو. ڪَچي کي ويجهو هئڻ ڪري هن ڳوٺ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.

هن ڳوٺ ۾ ميربحر، ڦلپوٽا ، سومرا ، سيد ، مڱڻيجا ، مهيسر ، جَتَ ، لوهر ، چنا ، شيخ،  ناريجا  ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا.7 هزار واري آباديءَ واري هن ڳوٺ ۾ اندازن 400 گهر آهن. هي ڳوٺ ديهه ڦلپوٽا ۽ يونين ڪائونسل بهمڻ ۾ واقع آهي.
 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٻه پرائمري اسڪول آهن، هڪ مڊل اسڪول به آهي. ڳوٺ کي بجلي ، گئس ، فون ۽ ڊرينيج سِسٽم جون سهولتون مليل آهن. ڳوٺ ۾ 7 مسجدون هِڪ عيد گاهه  به آهي. بود علي شاهه بخاري (بودل شاهه) جي مزار عام زيارتگاهه بڻيل آهي. ڳوٺ ۾ شوِ جو ميلو به لڳندو هو، جنهن ۾ لڳندڙ بازار گھڻو مشهور هئي.
سڄي تَر ۾ هن ڳوٺ جو ”حُر تحريڪ“ ۾ پڻ مثالي ڪردار رهيو آهي. هتان جي ٻن حُر مجاهدن فقير محمد قاسم مڱڻيجو ۽ ڪمال فقير مڱڻيجي کي حُر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ انگريزن ڳڀا ڳڀا ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، هتان جي حُر مجاهدن فقير امير بخش مڱڻيجي ، ڪمال فقير مڱڻيجي ۽ فقير محمد قاسم مڱڻيجي گڏجي ريل به ڪيرائي هئي. هن ڳوٺ ۾ پير سائين شهيد سورهيه بادشاهه رحه به پير گھمائي ويو آهي. هتان جا ڊکڻ ڏاند گاڏيون ٺاهڻ ۾ گھڻو مشهور ٿي گذريا آهن. خاص طور تي عبدالله سومرو ناليوارو ۽ سٺو ڪاريگر هو، هت لوهارڪو هنر به سٺو ٿئي ٿو.
هن ڳوٺ جي ٻي اهم سُڃاڻپ درزي آهن. نئون ديري شهر ۾ جيڪي به مشهور درزي ٿيا، انهن ۾ غلام حسين سومرو ، نبي بخش مهيسر (جيڪو نبي درزي جي نالي سان مشهور هو. پاڻ سٺو ڳائڻو ۽ اداڪار به هيو)، حاجي محمد آچر مڱڻيجو(مرحوم)، غلام رسول ڦلپوٽو، واحد بخش ڦلپوٽو، بشير احمد ميراڻي، رانجھن خان چنو، غلام حسين سپڙو، محمد ابراهيم مڱڻيجو، امير بخش سپڙو، محمد جُمن سومرو، الله ڏنو لاشاري، حافظ نثار احمد ميراڻي، فرحان احمد ڦلپوٽو، ثناءُ الله ميراڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
اسان جي ڳوٺ ڦلپوٽا ۾ ڀوڳائي ماڻهو پڻ گھڻا رهن ٿا، ڇُٽو فقير شيخ مرحوم ان حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. هو بيشمار پکين ۽ جانورن جون ٻوليون ڄاڻيندو هيو ۽ طرحين طرحين مشڪريون وجهي ماڻهن کي وندرائيندو هو. ان ئي حوالي سان ميهر شيخ جو مزاحيه ڪردار به وسارڻ جهڙو ناهي. هتان جا سگھڙ تمام گھڻو مشهور آهن، سندن فن کي سنڌ جي جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ساراهيو آهي. مجنون فقير ٻُرڙو ، محمد عظيم جَتُ، ٽالپر شيخ ، پهلوان شيخ ، گلشن جَتُ، مير جَت،  ميان داد ڦلپوٽو ، ۽ ٻيا سگھڙ مشهور آهن. مشهور نعت خوان قربان علي ناريجو ۽ الغوزه نواز محمد بخش ميراڻي هتان جا رهواسي آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ نمايان ڪم سرانجام ڏيندڙ نوجوان ثناءُالله منڱڻيجو صارم پڻ هن ڳوٺ ۾ ڄائو پليو، جنهن سنڌي ٻولي سان پنهنجي ڀرپور چاهت جو اظهار ڪندي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌي فونٽس ٺاهڻ جو پڻ اعزاز حاصل ڪيو آهي.  
هن ڳوٺ جا بنيادي وڏيرا ” ڦلپوٽا “ آهن. در محمد ، شير محمد جنهن لاءِ مشهور آهي ته شير واهه کڻايو هو، چون ٿا ته هن انهيءَ واهه کڻائڻ ۽ زمين جي حوالي سان ڪلهوڙن جي نامياري سپه سالار شاهه بهاري سان جنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ هار ٿيس. انهيءَ تي هڪڙي شاعر جلال کٽي ڪجهه شعر به ٺاهيا جنهن مان هيٺيون شعر تمام گھڻو مشهور ٿيو.
بازي بهارو شاهه، کٽي ويو شير کنئون
تڳيل خان، علي نواز خان، شمن خان، شاهه محمد خان، الاهي بخش خان، غلام رسول خان، الهر کيو خان، علي مدد خان، غلام قادر خان، سڪندر علي خان ۽ گلشن علي خان ڦلپوٽو مشهور وڏيرا ٿي گذريا آهن. ڳوٺ ۾ ڦلپوٽن جو هڪ تاريخي قبو پڻ آهي، جنهن ۾ سندن وڏڙا مدفون آهن.
هتان جي مشهور شخصيتن ۾، مرحوم ملان بخشيل سومرو، محمد بخش مهيسر، سيد عارب شاهه، خادم حسين سميجو، علي نواز ڦلپوٽو، شهازي خان چنو، جعفر موچي ۽ ڊاڪٽر غلام حسين ڦلپوٽو شامل آهن. جڏنهن ته نورالدين ميراڻي، امير علي ميراڻي، محمد عيدن چنو، عبدلحليم ڦلپوٽو، محمد ايوب ڦلپوٽو، وڏيرو شمس الدين ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا، مائي صدوري بروهي نالي هڪ دلير عورت بهادريءَ ۾ تمام گھڻو مشهور هئي جنهن کي 27-6-2001 تي ڌاڙيلن گھر ۾ ڌيءُ سميت شهيد ڪيو هو.

عزيز دوست مقصود علي ميراڻي جي ٿورن سان 

منهنجو ڳوٺ ڦلپوٽا نمبر 1 Reviewed by سکندری on 10:50 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.