Top Ad unit 728 × 90

اڄ جون خبرون 28 سيپٽمبر 2012


پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) خيرپور ضلعي ۾ مختلف ٿاڻن تي ڪم ڪندڙ 52 اي ايس آئيز کي ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري فاقاڪشي تي مجبور، دڪاندارن کين اوڌر ڏيڻ به بند ڪري ڇڏي، خبر موجب خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن وڏا ماڇيون چونڪي، لقمان بي سيڪشن، نارو، ڪوٽڏجي، سيٺارجا ٿاڻن تي ڪم ڪندڙ اي ايس آئيز طالب جسڪاڻي، بشير احمد ابڙو، ربڏنو شر، رمز علي وساڻ، عبدالوحيد شيخ، اشرف تنيو سميت 52 اي ايس آئيز کي گذريل 6 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن ان سلسلي ۾ وڏا ماڇيون چونڪي جي انچارج طالب جسڪاڻي دانهيندي چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري اسين فاقا ڪشي ڪاٽي رهيا آهيون جڏهن ته دڪاندارن اوڌر تي سامان ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سخت پريشاني واري حالت ۾ آهيون هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ڊي آئي جي سکر وٽ دانهيو آهي پر ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ٿا ڇڏن طالب حسين جسڪاڻيءَ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا اسان جون پگهارون جاري ڪري اسانجي ٻچڙن کي به ٻن ويلن جي ماني کائڻ ڏني وڃي ٻي صورت ۾ اسانجا ٻچڙا بکون ڪاٽي پاهه ٿي ويندا.

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) خيرپور ڀرسان 4 هٿياربندن هٿان ڪار تي لاڙڪاڻي ويندڙ اين جو او آفيسر اغوا، ڊرائيور کي مارڪٽ، پوليس کي اطلاع، ايس ايس پي خيرپور پاران مختلف هنڌن تي ناڪابندي، خبر موجب خيرپور نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ وارث ڏنو ڳنڀير لڳ 4 هٿياربندن سکر کان ڪار تي ويندڙ اين جي او آفيسر محمد عاشر پنجابي جي ڪار جو اڳ ڏئي ڪار مان لاهي ڊرائيور ۽ اين جي او آفيسر تي وحشياڻو تشدد ڪيو جڏهن ته هٿياربندن ڊرائيور محمد نواز گهانگهرو کي ڇڏي ڄاڻايل اين جو او آفيسر محمد عاشر پنجابي کي پنهنجي ڪار ۾ اغوا ڪري کڻي ويا اهڙو اطلاع ڪار جي ڊرائيور محمد نواز گهانگهري ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ محمد حفيظ مشوري کي ڏنو جنهن ايس ايس پي خيرپور کي سموري حقيقت ٻڌائي ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ  ٻٻرلوءِ نيشنل هاءِ وي، ٺيڙهي باءِ پاس، خيرپور باءِ پاس، ٽنڊو مستي باءِ پاس ۽ ٻين هنڌن تي ناڪا بندي ڪرائي گاڏين  جي سخت چيڪنگ ڪئي ويئي ۽ مغوي هٿ اچي نه سگهيو هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل اين جي او آفيسر اسلام آباد کان سکر آيل هيو جتي هو سکر جي گرين ريسٽ هائوس ۾ ترسيو ۽ ڪالهه خميس ڏينهن سکر کان ڪرائي جي ڪار ۾ لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته رستي تي واقعو پيش آيو آهي.

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) ڪوٽ مير محمد ڀرسان بجليءَ جو سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب ٻه گهر سڙي رک، خبر موجب ڪوٽ مير محمد لڳ ڳوٺ مينگهو خان شر ۾ بجليءَ جو سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب الاهي بخش شر ۽ دلبر شر جا گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا آهن  جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻا ٻارن ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن هنن ڊي سي خيرپور کان گهر ڪئي آهي ته اسان  جي مدد ڪري جڳها ٺهرائي ڏنا وڃن.

               


Reviewed by سکندری on 6:59 AM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.