Top Ad unit 728 × 90

ڪمشنري نظام جا مخالف ۽ سرڪار سمجهي وڃن،وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي، مهاجر ئي نقصان ۾ رهندا: پير صاحب پاڳارو


ڪمشنري نظام جا مخالف ۽ سرڪار سمجهي وڃن،وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي، مهاجر ئي نقصان ۾ رهندا:پاڳارو
حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته ناظمي سرشتي جا حامي ۽ ڪمشنري نظام جا مخالف توڙي سرڪار ڳالهين ۾ ئي سمجهي وڃن نه ته وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي جنهن ۾ صرف مهاجر ئي نقصان ۾ رهندا ۽ سڀ کان وڏو نقصان ايم ڪيو ايم کي ٿيندو. سرڪار جي ڪمشنري نظام جي خاتمي ۽ ناظمي سرشتي جي بحالي واري آرڊيننس جو عارضي فائدو ته ايم ڪيو ايم کي ٿيندو پر ڊگهي مدي ۾ ايم ڪيو ايم ئي نقصان ۾ رهندي. ايم ڪيو ايم وارن کي چئي ڇڏيو آهي ته سندن ڀلائي ڪمشنري نظام ۾ آهي ۽ هو اڄ ملڻ ايندا تڏهن به کين اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ناظمن واري سرشتي تي زور نه ڀرين. ڪٿي ائين نه ٿئي ته يا سمنڊ هنن وٽ هليو اچي يا هي سمنڊ ڏانهن هليا وڃن. پير پاڳاري چيو ته اسان بهاولپور صوبي جي حمايت ڪريون ٿا، بهاولپور رياست رشوت طور جنرل يحيٰ خان ڏئي ڇڏي هئي پر ان کانپوءِ به سندس حياتي نه بچي. تاريخ شاهد آهي ته اسان کان وڌيڪ غدار پنجاب مان پيدا ٿيا آهن. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي ڪنگري هائوس تي عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد ۽ بهاولپور صوبا تحريڪ جي سربراهه محمد علي دراني سان ڌار ڌار ملاقاتن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. پير پاڳاري چيو ته اسان عوامي نيشنل پارٽي جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا. ڪراچي جيترا ئي پٺاڻ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به آهن پر انهن مان ڪنهن به اسان کي ڪڏهن به نه تڪليف پهچائي آهي ۽ نه ئي اسان کين تڪليف ڏني آهي، هو اسان وٽ ٻچن وانگر رهن ٿا. پٺاڻ جتي رهن ٿا اتي ئي خرچ ڪن ٿا ۽ اتان جا ئي ٿي رهن ٿا. هن چيو ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ پٺاڻن کي داخلائون نه ڏيڻ درست ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان هڙتال جي حمايت نٿا ڪريون ڇو ته ان سان روزگار ۽ ڪاروبار تي خراب اثر پوي ٿو پر آئون پهرين ڏينهن کان ئي ناظمن واري مڪاني سرشتي جو مخالف ۽ ڪمشنري نظام جو حامي آهيان ۽ اسان جا ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ناظمن واري سرشتي جي حمايت ۽ ڪمشنري نظام جي مخالفت ۾ ووٽ نه ڏيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سدائين پريشان رهندو آهي. ان سوال ته وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اسان ڪا غلطي نه ڪئي آهي جو معافي وٺون جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته غلطي هنن جي نه پر اسان جي آهي جو اسان کين سمجهي نه سگهيا آهيون. ان سوال ته فوج ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جي جواب ۾ هن چيو ته توهان ماڻهو وڌيڪ ماريندو ته فوج جلدي اچي ويندي ۽ ماڻهو گهٽ ماريندو ته فوج دير سان ايندي. صدر آصف علي زرداري جي سرائيڪي صوبي تي موقف جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته صدر مجبور آهي، عوام ۾ طاقت آهي. اسان پڻ بهاولپور صوبي جي حمايت ڪيون ٿا. بهاولپور ڌار رياست رهي آهي، بهاولپور کان سواءِ به پنجاب کي ننڍن انتظامي يونٽن ۾ ورهايو وڃي ٿو ته ان سان فائدو ٿيندو ۽ بالادستي وارو تاثر ختم ٿيندو. خيرپور رياست بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها رياست هڪ ضلعي تائين آهي. اسان کي ڪو اعتراض ناهي ڀلي اهو معاملو به اڳيان اچي. ڪراچي کي صوبي بڻائڻ جي امڪاني مطالبي بابت سوال تي پير پاڳاري چيو ته جيڪي ڪراچي صوبي جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اُهي چڱو ڪري رهيا آهن پر ڪراچي ملڪ جي گادي جو هنڌ هو جنهن کي اسلام آباد نيو ويو ۽ اسان ڪراچي جي وري ساڳي حيثيت جي حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان سڀني جو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جا ميمبر بهاولپور صوبي جي حمايت ڪندا. هن چيو ته ننڍن انتظامي يونٽن سان سهولتون وڌيڪ ملنديون. توهان کي بالادستي ختم ڪرڻي آهي ته پنجاب ۾ ننڍا صوبا پيدا ڪريو. ان سوال ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺاهيو پر سنڌ جي ڪجهه سياستدانن تي غداري جا الزام هنيا ويا جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان کان وڌيڪ غدار پنجاب ۾ پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته بهاولپور صوبي جو سرائيڪي صوبي سان ڪو لاڳاپو ناهي، بهاولپور ڌار رياست رهي آهي ۽ ان جي اهائي حيثيت بحال ٿيڻ گهرجي.
ڪمشنري نظام جا مخالف ۽ سرڪار سمجهي وڃن،وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي، مهاجر ئي نقصان ۾ رهندا: پير صاحب پاڳارو Reviewed by سکندری on 1:56 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.