Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ ۾ ملهايل جشن آزادي جي رنگارنگ تقريب

پيرجوڳوٺ:جشنِ آزادي جي موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه ڪنگري ۽ شهرين جي سهڪار سان هڪ گڏيل تقريب منعقد، معززين شهر سميت هزارين شاگردن شاگردياڻين ۽ والدين جي شرڪت تقريرن، قومي گيتن ۽ ٽيبلوز جا مقابلا. خبر موجب جشن آزادي جي موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر سيد ڪبير احمد شاه پاران پيرجوڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ مهمان خاص فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي محمد ڇٽل ڀنڊ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪبير احمد شاھ جي صدارت ۾ هزارين شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شهر جي ويھ کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي ٻارڙن حصو وٺي تقرير، گيتن ۽ ٽيبلوز جا مقابلا ڪيا. تقرير ۾ انڊس ماڊل اسڪول ائنڊ ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ، جي شاگردياڻي سيده ڪومل شاھ راشدي پهرين پوزيشن، شيرين پبلڪ هاءِ اسڪول جي شاگرد مزمل علي ٻئين پوزيش حاص ڪئي ۽ ٽئين پوزيشن حضرت پير سائين سيد شاھ مردان شاھ ثاني پير پاڳارو ماڊل ايليمينٽري اسڪول جي شاگرد حاصل ڪئي. جڏهن ته اسڪول ٻارڙن قومي گيتن تي ٽيبلوز جي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حضرت پير سائين سيد شاھ مردان شاھ ثاني پير پاڳارو ماڊل ايليمينٽري اسڪول حاصل ڪئي، ٻئين پوزيشن گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۽ ٽئين پوزيشن گورنمينٽ نيشنلائيزڊ اسسڪول حاصل ڪئي. تقريب جي آخر ۾ مهمان خاص ۽ صدر پنهنجي تقريرن ۾ استادن کي شاگردن جي تعليم واسطي سچائي سان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ شاگردن کي پڻ ڀرپور نموني محنت سان پڙهڻ جي نصيحت ڪيائون، ته جيئن تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارآمد شهر بڻجي سگھن. ان کان سواءِ اي ڊي او (ميل) ڪنگري فيض احمد جسڪاڻي وطن عزيز پاڪستان سان دل جي خلوص سان محبت ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ مستقبل جي معمار شاگردن کي ملڪ سان محبت واسطي نصيحت ڪئي. اي ڊي او فيميل آپا شمشاد چيو، ته ٻارڙا وطن عزيز جي گلشن جا گل آهن، انهن کي جيترو پيار سان سنڀال ڪنداسين مستقبل ۾ اوترو وڌيڪ فائدي ور بڻائي سگھنداسين.
تقريب ۾ شهر جي ڪيترين ئي معزز شخصيتن جن ۾ حر فقير جان محمد منڱريو، سينيئر استاد سائين عبدالخالق خلجي، سيد ولي الله شاھ راشدي، ٽي ايم او ڪنگري خليل الرحمٰن ميمڻ، اڪليتي ڪائونسلر هوتل مل، سيد محمد ياسين شاھ راشدي ۽ سمورن اسڪولن جي هيڊمسٽريسس ۽ هيڊماسٽرس کان سواءِ هزارين اسڪولي شاگرن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائيءَ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪلري محلا جي استاد سائين ناظم الدين شيخ ۽ حضرت پير سائين سيد شاھ مردان شاھ ثاني پير پاڳارو ماڊل ايليمينٽري اسڪول جي استاد سائين عبدالباسط گلال هلائي.

آخر ۾ تقريب جون ڪجھ تصويري جھلڪيون پيش آهن. 














پيرجوڳوٺ ۾ ملهايل جشن آزادي جي رنگارنگ تقريب Reviewed by سکندری on 8:53 PM Rating: 5

2 comments:

  1. mashallah :)))
    may Allah be pleased with all organizers ,supporter and participants ...
    may we be more faithful to our Religion and our Country ...
    may Allah shower His blessings over all of us ...
    may His High hand be with us always ...;
    may Pakistanis and all Muslims shine all over the world ... amen amen !!!
    Thank you so so much :)))
    Abdul Bari Memon

    ReplyDelete
  2. الله ڪري ايئن ئي اسان جي شهر جون خوشيون رهن. ٻارن جي محنت ڏسي تمام خوشي ٿي ان سان گڏ انهن استادن کي خراج تحسين پيش آهي جن ٻارن کي ان لائق بنايو الله اوهان کي خوش رکي. انتظاميه کي لکين مبارڪون جو اهڙو ڀرپور تعاون ڪري هڪ بهترين پروگرام ترتيب ڏنو،، مهرباني،،،
    عزيز منگريو

    ReplyDelete

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.