Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ ۽ آسپاس ۾ 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ بجلي بند، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر،درزين کي ڪاپاري ڌڪ،احتجاج،خبر موجب پيرڳوٺ ۽ آسپاس ۾ 24 مان 18 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿيڻ سبب بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن تي درزين بجلي جي اکٻوٽ سبب گراهڪن کان 15 روزي کان ئي ڪپڙا وٺڻ بند ڪري ڇڏيا آهن،جنهن ڪري غريب درزي به عيد نه ڪري سگهندا، ٻئي طرف پيرڳوٺ واسين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجا جي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ شائق علي مهيسر، احمد سنڌي ۽ ٻين چيو ته سيپڪو پيرڳوٺ وارن درزين کان في دڪان کان تي 500 کان 1000 هزار روپيه منٿلي نه ڏيڻ تان سموري شهر ۾ بجلي بند ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مظاهرين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته رشوت خور سيپڪو پيرڳوٺ جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري غريبن سان انصاف پڻ ڪيو وڃي.
                                                                              
پيرجوڳوٺ ۽ آسپاس بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو Reviewed by سکندری on 8:06 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.