Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ: سنڌ آرٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) پاران ڪنگري تعلقي جي چونڊ


پيرجوڳوٺ: سنڌ آرٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) پاران ڪنگري تعلقي جي چونڊ صدر قربان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري دريا خان ڀٽو، پريس سيڪريٽري، عبدالخالق چوهاڻ ۽ ٻين کي چونڊيو ويو. خبر موجب سنڌ آرٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي مرڪزي چيئرمين عزيز سانگي جي صدارت هيٺ ريسٽ هائوس پيرجوڳوٺ ۾ ڪنگري تعلقي جي باڊي چونڊي ويئي جنهن ۾ صدر قربان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري دريا خان ڀٽو، پريس سيڪريٽري عبدالخالق چوهاڻ ۽ ٻين کي چونڊيوويو ان موقعي تي مرڪزي چيئر مين عزيز سانگي چيو، ته سموري سنڌ خصوصن سڌي فنڪار وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اسين فنڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ تنظيم جوڙي ميدان ۾ نڪتا آهيون ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين فنڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ وڙهند رهنداسين. عزيز سانگي چيو، ته هن وقت اسان فنڪارن کي ايڪي ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻ کپي، ته جيئن سنڌ جي فنڪارن جي نالي تي پئسا يا فنڊ وٺي هڙپ ڪندڙن سان مقابلو ڪري کيس شڪست ڏئي سگھون. هن چيو، ته سنڌ آرٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ڪنهن به ميمبر کي ڪوبه مسئلو هجي، ته اسان سان رابطو ڪري، ته جيئن اسين جلد ئي ان وٽ پهچي سندس مسئلو حل ڪرائي سگھون. ان موقعي تي ڪنگري تعلقي جي سوين فنڪارن پڻ شرڪت ڪئي.  
پيرجوڳوٺ: سنڌ آرٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) پاران ڪنگري تعلقي جي چونڊ Reviewed by سکندری on 8:56 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.