Top Ad unit 728 × 90

پيرجوڳوٺ:احمدپور لڳ لالڻ واھ کي 20 فوٽ گھارو

پيرجوڳوٺ:احمدپور لڳ لالڻ واھ کي 20 فوٽ گھارو هڪ ڳوٺ پير شهبازي، پوليٽري فارم ۽ فصل پاڻيءَ هيٺ آبپاشيءَ کاتي خلاف احتجاج. روپرٽ موجب اڄ پرھ ڦٽيءَ مهل احمدپورلڳ لالڻ واھ کي ڳوٺ پير شهبازيءَ وٽان 20 فوٽ اوچتو گھارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ پير شهبازي، پرائمري اسڪول قبرستان. چار مڇي جا فارم ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ساريون، ڪمنڊ ڪيلا سبزيون ۽ ٻيا فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. جڏهن ته گھارو لڳڻ خلاف ڳوٺاڻن خوشحال ميتلو، غلام رسول ميتلو، نسيم ميتلو جان محمد ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو، ته آبپاشيءَ جي اهلڪارن جي نااهليءَ سبب گھارو پئجي ويو آهي ۽ 6 ڪلاڪن تائين آبپاشيءَ وارا لڙي نه آيا ۽ گھارو اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو. هوڏانهن ڊي ڊي او روينيو ڪنگري ڪبير احمد شاھ گھاري جو اطلاع ملڻ کان پوءِ گھاري واري هنڌ پهتو. ڳوٺاڻن کي انصاف جي خاطري ڪرائي، ته هن سنڌ حڪومت جي اختيارن ۽ ايس اي ايريگيشن  کي گهاري جو اطلاع ڏنو آهي. ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو جائزو وٺي آبادگارن کي معاوضو ڏنو ويندو.   
پيرجوڳوٺ:احمدپور لڳ لالڻ واھ کي 20 فوٽ گھارو Reviewed by سکندری on 9:37 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.