Top Ad unit 728 × 90

سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو اسڪول بند هجڻ خلاف پيرڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ: ڪنگريءَ جي ڪچي ۾ 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو اسڪول بند هجڻ خلاف پيرڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. معصوم ٻارڙن پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر ۾ ريلي پڻ ڪڍي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي، سماجي اڳواڻ خوش محمد راهوجو، ياسين منصور مهيسر، جبار خاصخيلي، شمائلا، صديقه، آسيه، اسلم، محمد علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو، ته گذريل مها ٻوڏ ۾ ڪچي ۾ آيل اسڪول گھڻي ڀاڱي تباھ ٿي ويا. جنهن ڪري اسان جي تعليم تباھ ٿي وئي آهي. ان موقعي تي معصوم ٻارڙن جھوليون کڻي اختيارين کان گھر ڪئي، ته خدا جي واسطي اسڪول کولي اسان جي تعليم بچائي وڃي.  
سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو اسڪول بند هجڻ خلاف پيرڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو Reviewed by سکندری on 9:38 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.