Top Ad unit 728 × 90

روڊ جي پل جو ڪم ناقص ٿيڻ خلاف ڪنگريءَ جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن جواحتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ:روڊ جي پل جو ڪم ناقص ٿيڻ خلاف ڪنگريءَ جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن جو احمدپور، خيرپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽائرن کي باهيون ڏئي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊز هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ٺيڪيدار  خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي بخش علي پنهيار، مختيارپنهيار، ڪيهر خان، محڪم علي، صوبدار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو، ته ايشين بئنڪ جي تعاون سان ڳوٺ وڏا پنهيار وٽ ٺهندڙ پل ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري ٺهڻ کان اڳ ئي پل جھري رهي آهي. هنن چيو، ته ڄاڻايل پل 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. هنن چيو، ته ناقص ڪم تي احتجاج ڪيون ٿا، ته ٺيڪيدار پل جو ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي، ته ٺيڪيدار خلاف قدم کڻي پل کي صحيح طور تي جوڙايو وڃي.
روڊ جي پل جو ڪم ناقص ٿيڻ خلاف ڪنگريءَ جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن جواحتجاجي مظاهرو Reviewed by سکندری on 9:35 PM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.