Top Ad unit 728 × 90

اڄ جون خبرون

اڄ جون خبرون  26-09-2012


پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) حرجماعت جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ سربراهه پير سيد صبغت الله شاهه پيرپاڳاري ڪنگري تعلقي ۾ هلندڙ قبائلي تڪرارن جي ختم ڪرائڻ لاءِ علائقي جي معززن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي پيرپاڳاري پاران فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگريءَ جي صدر سيد علي حيدر شاهه راشدي کي هدايت ڪئي آهي ته تعلقي ڪنگريءَ ۾ مختلف برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ علائقي جي معززن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا جهيڙيندڙ برادرين جي امن پسند ماڻهن سان ملاقاتون ڪري تڪرارن کي ختم ڪرائين ته جيئن تعلقي  ڪنگري ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿي وڃي، فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ سيد علي حيدر شاهه راشدي پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته قبيلائي تڪرارن ڪنگريءَ سميت سموريءَ سنڌ ۾ ناسور جي صورت اختيار ڪئي آهي جنهن لاءِ اسين پيرپاڳاري جي حڪم تي ڪاميٽي جوڙي تڪرارن جو خاتمو آڻي ساهه پٽينداسين. ياد رهي ته ڪنگري تعلقي ۾ رند _انصاري، ميتلا _پنهيار، جلباڻي _انصاري، ڪلهوڙا _ناريجا، ميتلا _ڪانڌڙا، اوڍا برادري جي ٻن ڌرين، خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) فنڪشنل مسلم ليگ پيرجوڳوٺ جي اڳواڻن پاران يونٽ جو افتتاح عهديدار نامزد ڪيا ويا خبر موجب فنڪشنل مسلم ليگ پيرجوڳوٺ جي اڳواڻن صدر سيد نجيب الله شاهه راشدي، جنرل سيڪريٽري محمد سليمان مڱريو، محمد اعظم منڱڻيجو، فقير احمد ڪمال راڄڙ ۽ ٻين پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ سڪندر آباد ۾ ڳوٺاڻن پاران نئين قائم ڪيل يونٽ جو افتتاح ڪيو بعد ۾ ڄاڻايل اڳواڻن يونٽ جي عهديدارن جو اعلان ڪندي سرپرست فقير محمد حسن ڪانهر، صدر فقير مير حسن ڪانهر، سينئر نائب صدر فقير شعبان علي ڪانهر، نائب صدر فقير واحد بخش ڪانهر، جنرل سيڪريٽري فقير شاهد حسين ڪانهر، نائب صدر الطاف حسين ڪانهر، پريس سيڪريٽري بدرالدين ڪانهر، آرگنائيزر فريد ڪانهر، جوائنٽ سيڪريٽري شفيع الله ڪانهر، خزانچي فقير محمد نواز ڪانهر، آفيس سيڪريٽري فقير بکن خان ڪانهر، رابطه سيڪريٽري شهزادو شيخ کي نامزد ڪيو ويو آهي.             
               
پيرجوڳوٺ (پيرجوڳوٺ آن لائين) ڊپٽي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊاڪٽر غلام مصطفي سهاڳ منگهنواري ۾ يونين ڪائونسل آفيس جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي هن يوسي عملي ۽ ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سنڌ ٻهراڙي جي علائقن کي صاف سٿرو رکن لاءِ يونين ڪائونسلن ۾ آبادي جي حساب سان سرڪاري فنڊ جاري ڪندي رهي ٿي جنهن کي صحيح نموني استعمال ڪري عوام جي خدمت ڪئي وڃي.  ٻئي طرف ڊاڪٽر غلام مصطفي سهاڳ پير ناگل شاهه جي سالياني عرس جو افتتاح پڻ ڪري درگاهه تي چادر چاڙهي ۽ ميلي ۾ ملهه پهلوانن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا.

عبدالقدوس خلجي جي ٿورن سان.....
اڄ جون خبرون Reviewed by سکندری on 6:50 AM Rating: 5

No comments:

All Rights Reserved by پيرجوڳوٺ آن لائين © 2014 - 2015
Powered By Blogger, Designed by Sweetheme

Contact Form

Name

Email *

Message *

Sanaullah Mangnejo Sarem | Muhalla Kot Dinal Shah, Pir Jo Goth +92-313-8196688. Powered by Blogger.